بين ڊنڪ ناڪام پر پوءِ به لاهور جي زلمي کي شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز ۾ پي ايس جي فائيو جي  34 ميچز مان 24هين ميچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. جن مقرر اوروز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنز ٺاهيون. جنهن جي جواب ۾ لاهور قلندرز جي اننگ جي شروعات فخر الزمان ۽ لاهور جي ڪپتان سهيل اختر ڪئي. فخر پهريون ڀيرو ففٽي هنئين ۽ 3 چڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 63 رنز ٺاهي وهاب رياض جي بال تي ياسر شاهه هٿان ڪيچ ٿيو.

ڪپتان 3 چوڪا هڻي 19 بالن تي 21 رنز ٺاهي حيدر علي جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، ڪرس لين 3 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 32 بالن تي 59 رنز ٺاهي ڪارلوس جي بال تي ياسر شاهه هٿان ڪيچ ٿيو، ببل بواءِ بين ڊنڪ هڪ چوڪو هڻي 5 بالن تي 7 رنز ٺاهي ڪارلوس جي بال تي ٽوم بينٽن هٿان ڪيچ ٿيو،  محمد حفيظ 4 بالن 4 سنگل ٺاهي ڪارلوس جي بال تي گريگوري هٿان ڪيچ ٿيو، سمت پٽيل 11 ۽ ڊيود وِيز 17 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ ميچ کٽي ويا.

ان کان اڳ زلمي وارن جون شروع ۾ 3 وڪيٽ ڪري پيون پر شعيب ملڪ جي ففٽي هن جي ۽ حيدر علي جي 116 رنز جي پارٽنر شپ سبب 188 جو ٽارگٽ ڏنو. ڪامران اڪمل هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 8 بالن تي 12 رنز ڪري سمت پٽيل جي بال تي حارث سهيل هٿان ڪيچ ٿيو. ٽوم بينٽن شاهين آفريدي جي پهرينئي بال تي محمد حفيظ هٿان ڪيچ ٿيو. ليم لونسگسٽون 5 بالن تي هڪ چوڪو هڻي سمت پٽيل جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو، شعيب ملڪ 2 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 62 رنز ٺاهي فخر هٿان ڊيوڊ ويز جي بال تي ڪيچ ٿيو.

حيدر علي 4 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 43 بالن تي 69 رنز ٺاهي دلبر حسين جي بال تي بين ڊنڪ هٿان ڪيچ ٿيو، ليوائس گريگوري 8 ۽ وهاب رياض هڪ رن وٺي شاهين آفريدي هٿان بولڊ ٿيا، بريٿويٽ 16۽ حسن علي 7 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. معاذ خان کي هڪ اوور ۾14 رنز پيون جنهن بعد کيس بولنگ نه ڏني وئي. شاهين 4 اوورز ۾ 28 رنز ڏئي 3، سمت پٽيل 4 اوورز ۾ 37 رنز ڏئي 2، دلبر حسين 4 اوورز ۾ 38 رنز ڏئي هڪ ۽ ڊيوڊ وِيز 3 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. جڏهن ته مين بالر حارث سهيل 4 اوورز ۾ 39 رنز ڏئي ڪا به وڪٽ نه ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو