پنجاب پوليس پاران سنڌ ۾ 2 ڏوهاري قتل ڪرڻ تي 6 اهلڪار گرفتار

پنوعاقل (سنتوش ڪمار )سانگي ٿاڻي جي حد ۾ سي ٽي ڊي پنجاب پوليس پاران سنڌ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بنا ڪارروائي ڪئي وئي، سي ٽي ڊي پنجاب پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي . مارجي ويل مبينه ڏوهارين جي سعيد ۽ هاشم جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي جن مان سعيد جو تعلق شيخوپوره سان ۽ هاشم جو تعلق فيصل آباد سان ٻڌايو پيو وڃي واقعي جو اطلاع ملندي سانگي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سي ٽي ڊي پنجاب پوليس جي 6 پوليس اهلڪارن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي سانگي پوليس پاران سي ٽي ڊي پنجاب پوليس کان پڇا ڳاڇا بعد سي ٽي ڊي پنجاب پوليس جي ڇهن ئي اهلڪارن تي سنڌ پوليس جي حد ۾ سنڌ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بنا غيرقانوني طور ڪارروائي ڪرڻ جو سانگي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو