تاجرن جا خدشا بي بنياد آهن، مشاورتي ڪميٽي ٺهي پئي، نيب

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) نيب جي چيئرمين جاويد اقبال ڪاروباري شخصيتن جا خدشا رد ڪندي چيو آهي ته نيب ڪنهن جي به ڪاروبار ۾ مداخلت نه ڪندي آهي ۽ نه ڪرڻ جو ارادو آهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس دورن ڪيو. هن ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهڙيون ڪاروباري سخصيتون آهن جن خط لکي نيب جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ اهي خط هن وٽ موجود آهن. هن ٻڌايو ته انهن مان هڪ شخص تعريفي خط لکڻ بعد آرمي چيف ۽ وزيراعظم سان ٿيل ملاقات ۾ نيب بابت خدشا به ظاهر ڪيا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جيڪا تاجرن کي خاطري ڪرائي هئي ان بابت 4 رڪني ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جنهن جي حيثيت مشاورتي هوندي، نيب جو ادارو  ان جي ماتحت نه هوندو ۽ نه ئي ان آڏو جوابده هوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل هفتي جڏهن هو لاهر چيمبر ۾ خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ شخص چيو ته سعودي عرب وارا هڪ مهيني ۾ لٽيل دولت واپس ڪرائين ٿا اوهان ڇو نٿا ڪرايو ته مون کيس چيو هو ته سعودي ۾ بادشاهت آهي، پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي هر ادارو ان مطابق هلندو آهي ۽ سعودي جهڙو اختيار اسان کي ناهي. هن وڌيو چيو ته اهڙو اختيار هجي ته اسين به ٽن هفتن ۾ وصولي ڪري سگهو ٿا،

پهنجو تبصرو موڪليو