مليحه لوڌي کي هڪدم هٽائڻ بابت ڇا الزام صحيح آهن؟

اسلام آباد( اياز مهر) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي کي ڪنهن سبب جي ڪري ناهي هٽايو ويو. ان بات ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس هٽائڻ جو خاص سبب  اهو آهي ته هن هڪ خط لڪائي رکيو هو ۽ مبينه طور اهو خط ڀارت کي پاڪستان کان اڳ ۾ ملي ويو هو، ان جي سرڪاري طور ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي . ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر تي انساني حقن جي بنياد تي گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ اقوام متحده لشڪر طيبه جي حافظ سعيد سميت پابندي پيل ٽن تنظيمين جي سربراهن جي منجمند ڪيل بئنڪ اڪائونٽس مان محدود طور تي پئسا ڪڍائڻ لاءِ کين اجازت ڏيڻ بابت پاڪستان سرڪار کي خط لکيو هو. جيڪو مبينه طور مليحه لوڌي ۽ سندس ملازم ٽيپو لڪائي ڇڏيو  هو ۽ پاڪستان حڪومت کي نه موڪليو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته اهو خط ان لاءِ روڪيو ويو ته جيئن اوهان جي آمريڪي دوري جي موقعي تي جاري ڪري اوهان جي دوري کي ناڪام ڪيو وڃي؟  ذريعن موجب 25 سيپٽمبر تي ان خط بابت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شاهه محمود قريشي کان ڪجهه ڀارتي صحافين سوال به ڪيو ته اوهان اقوام متحده ۾ ڪشمير تي ڳالهائڻ آيا آهيو يا پابندي پيل تنظيمن جي رليف وٺڻ لاءِ  آيا آهيو! جنهن بعد پاڪستان حڪومت جاچ ڪئي ته نيو يارڪ ۾ موجود صحافين مبينه طور راز فاش ڪيو؟ پاڪستان حڪومت حيراني ظاهر ڪئي ته اها معلومات پاڪستان حڪومت کان اڳ ڀارتي سرڪار کي ڪيئن ملي؟. ياد رهي ته مليحه لوڌي  جي نياڻي جي شادي ڀارت جي هڪ اهم خاندان ۾ ٿيل آهي جنهن جو مبينه طور مودي سان به ويجهو رابطو  ٻڌايو وڃي ٿو.  اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد مليحه لوڌي  يا پرڏيهي  وزارت ڪا به وضاحت جاري ناهي ڪئي پر پاڪستان سرڪار صرف ايترو چيو آهي ته کيس هٽائڻ بابت هلندڙ افواه غلط آهن. جنهن سبب ڪيترا ٻيا افواهه به هلي رهيا آهن. جن جي تصديق ٿيڻ تائين اسين وڌيڪ ڪجهه به نٿا چئي سگهون. نيو يارڪ جي هڪ دوست موجب ته اهو سڀ ڊرامو آهي، اانٽيليجنس ۽ ڪائونٽر انٽيليجنس وارين قوتن جو. وقت سرِ معاملن جون حقيقتون جلد ظاهر ٿي سگهن ٿيون!. ؟

پهنجو تبصرو موڪليو