جنگ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ختم ڪندس: مولانا فضل الرحمان

پشاور (ڊيسڪ نيوز) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نااهل ۽ ناجائز حڪومت جي خاتمي جو وقت ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اسانجي جنگ حڪومت جي خاتمي تي ئي ختم ٿيندي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڌرڻي جي لفظ کي ڇڏي ڏيو هي مآزادي مارچ آهي. پوري ملڪ مان انسانن جي ٻوڏ اٿڻ واري آهي جنهن ۾ حڪومت ڪک پَن جيان لڙهي ويندي. مولانا ملڪ اندر نيون عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ورجائيندي چيو ته جائز حڪومت جوري وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا چيو ته اسان پهريون قيام اسلام آباد ۾ اچي ڪنداسين، بي ۽ سي پلان طرف به وينداسين جڏهن ته صورتحال مطابق حڪمت عملي ترتيب ڏيندا رهنداسين. مولانا جو چوڻ هو ته آصف زرداري اسان سان گڏ آهي ڪٿان کان به مايوسي ناهي. حتمي طور سمورين مخالف ڌر پارٽين ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو