“مولانا ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ لاءِ ديني مدرسن کي استعمال پيو ڪريو”

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي ٻڏندڙ سياسي ٻيڙي بچائڻ لاءِ مارچ ڪرڻ چاهي ٿو. هن خبردار ڪيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاد سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن 7 آڪٽوبر کان چين جي دوري بابت گهرايل مشاورتي اجلاس دوران مارچ بابت ذڪر تي تبصرو ڪندي ڪيو. هن چيو ته مولانا ديني مدرسن جي شاگردن کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرن چاهي ٿو. هن چيو ته اصل ۾ مولانا مدرسن ۾ ٿيندڙ اصلاحات سبب پريشان آهي. اجلاس ۾ چين سان اقتصادي راهداري جي منصوبن تي ڪم سست ٿيڻ، ڪجهه معاملن تي نئين سر ڳالهه ٻولهه ڪري شرط شرائط نرم ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي. حفيظ شيخ اجلاس کي بريفنگ ڏني.ان کان اڳ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير اعلان ڪيو هو ته هو مولانا جي مارچ کي اسلام آباد پهچڻ نه ڏيندو، مولانا کي گرفتار يا نظر بند ڪيو ويندو. جنهن تي صوبائي اسمبلي ۾ هنگامو ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو