سنڌ ۽ پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي/ لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي تياري، وڪري ۽ خريداري تي پابندي جي پهرئين ڏينهن جڙيا بازار سميت مختلف بازارن ۾ هول سيل جي دڪانن تي ڇاپا هڻي ٿيلهيون ضبط ڪيون ويون. جڏهن ته لاهور ۾ پلاسٽڪ جي ٿيليهين جي وڪري تي پابندي سبب لاڳاپيل فيڪٽرين جي مزدورن، مالڪن ۽ دڪاندارن احتجاجي ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته ان سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. حڪومت کين مهلت ڏئي، جنهن بعد پنجاب حڪومت ڪاروائي روڪيندي چيو ته نئين قانون سازي تائين ڇاپا بند رهندا. هوڏانهن سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي تياري، وڪري ۽ خريداري تي پابندي لڳڻ کانپوءِ ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ٽيم جي ڇاپن تي دڪاندارن مزاحمت ڪئي ۽ چيو ته بنا مهلت ڏيڻ جي سامان ضبط ڪرڻ ظلم آهي. وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماحوليات کاتي واپاري برادري ۽ فيڪٽريز جي مالڪن کي ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو هو ۽ ٻن مهينن تائين جاڳرتا مهم به هلائي وئي پر ان کي سنجيده نه ورتو ويو. هن چيو ته  پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ماحولياتي گدلاڻ پکيڙڻ گٽر بند ڪرڻ ۾  مُک ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. تنهن ڪري اُن تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 30 مائيڪرون کان گهٽ واريون ٿيلهين جي تياري، وڪري ۽ استعمال تي بندش آهي. هن چيو ته بنا فرق جي ڪاروايون جاري رهنديون ۽ فيڪٽرين تي به ڇاپا هنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو