نوان صوبا ٺاهڻ بابت صوبائي اسمبلين جا اختيار ختم ڪرڻ بابت بل پيش

اسلام آباد (اياز مهر) ايم ڪيو ايم نوان صوبا ٺاهڻ بابت صوبائي اسمبلين کا اختيار کسڻ بابت آئيني ترميمي بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، حڪومت بل جي مخالفت نه ڪئي، افسر صدارت فخر امام بل قانون بابت قومي اسمبلي جي قائمه ڪميٽي ۾ اماڻي ڇڏيو. پيپلزپارٽي پاران بل جي مخالفت ڪندي سيد نويد قمر چيو ته هي بل قابل غور ئي ناهي ان کي رد ڪيو وڃي ۽ ڪميٽي ۾ موڪلڻ جي ضرورت ناهي. اڱاري تي ايوان ۾ نجي ڪاروائي جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ڪشور زهره، اسامه قادري، صابر حسين قائمخاني، صلاح الدين ۽ سيد امين الحق صوبن جي سرحدن ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان بل پيش ڪيو. پيش ڪيل بل جو مقصد آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق 4 ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اُن شق نمبر 4 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪنهن به صوبي جي سرحدن ۾ڦير ڦار بابت آئين ۾ ترميم جو بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان پاس ڪري ته لاڳاپيل صوبائي اسمبلي مان ٻه ڀاڱي ثي جي اڪثريت سان ان بابت منظوري وارو شرط ختم ڪيو وڃي. موجوده شق ۾ اهو لکيل آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو بل منظور ڪري به ڇڏي ته صدر تيستائين اُن جي منظوري نه ڏيندو، جيستائين لاڳاپيل اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان اُن بل جي منظوري نه ڏئي. متحده ميمبرز جي بِل ۾ صوبائي اسيمبليز کان اُهو اختيار کسڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي هڪ ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ئي ناهي، ايم ڪيو ايم سياسي شوشو ڇڏيو آهي ۽ هي بل ڪميٽي ۾ ئي رد ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو