اسلام آباد(اياز مهر) وزيراعظم عمران خان اقوام متحده ۾ خطاب ۽ آمريڪي دوري تان واپس ايندي ئي پرڏيهي وزارت ۾ وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏني آهي. جن موجب فوري طور تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي کي عهدي تان هٽائي منير اڪرم کي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اعجاز کي هنگري ۾ پاڪسان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي، نائيجيريا ۾ تعينات احسن ڪي ڪي وڳڻ کي عمان ۾ سفير، ابرار هاشمي کي هوسٽن ۾ قونصل جنرل، عبدالحميد ٽورنٽو ۾ قونصل جنرل ۽ رٽائرڊ ميجر جنرل سعد خٽڪ کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب عمران احمد جيڪو ٽورنٽو ۾ قونصل جنرل هو تنهن کي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر، خليل هاشمي کي گڏيل قومن جي جنيوا هيڊ ڪوارٽر ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو ۽ سجاد حيدر جيڪو اتر ڪوريا ۾ هو تنهن ترقي ڏئي ڪويت ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته منير اڪرم جي والد جي نالي سان حيدرآباد وارو اڪرم واهه منسوب آهي. هو مشرف جي دور ۾ 2002 کان 2008 تائين به اقوام متحده ۾ مستقل مندوب رهي چڪو آهي. جڏهن ته مليحه لوڌي 93 کان 96 ۽ مشرف دور ۾ 99 کان 2002 تائين آمريڪا ۾ سفير رهي چڪي آهي، 2003 کان 2008 تائين برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر رهي آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل