9 سالن جي نينگري وحشين جي حوس جو شڪار

اوٻاوڙ (ن سنڌيار)مقبول ٽائون جي رهواسڻ 9 سالن جي معصوم نياڻي ثناء ولد اڪرم چوهاڻ کي نامعلوم ماڻھن اغوا ڪري جنسي تشدد جونشانو بڻائڻ بعد ريتي روڊ باء پاس تي بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. معصوم نياڻي ثناء کي شھرين بيهوش ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو وارث علاج لاء سول اسپتال کڻائي آيا۔سوشل ميڊيا تي خبر نشر ٿيئڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي طرفان نوٽس فورن ايس ايڇ او ڪلب شاھ  کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي هوڏانهن ايس ايڇ او ڪلب شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار جلد گرفتار ڪري معصوم نياڻي سان انصاف ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو