8 مهينا اڳ پرڻيل عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

ميرپورخاص (سيد بشيرشاھ) ڪوٽ غلام محمد لڳ ديھ 230 جاڙا واٽر وٽ 8 مهينا اڳ پرڻيل 19سالن جي شريمتي راڻي زال هريرام ڪولهي گهر جي اندر ڳچي ۾ رئي سان ڦاهو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ڊينگاڻ ٿاڻي پوليس کي ڏنو ويو پوليس پهچي عورت جو ٽنگيل لاش لاهي تحويل ۾ وٺي تلعقي اسپتال کڻي آئي لاش کي مرده خاني ۾ رکيو ويو. ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر واقعي واري هنڌ پهچي جتي وارثن کان تفصيل ورتا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ عورت راڻي ڪولهڻ جي مڙس هريرام ڪولهي چيو ته اسان جو ڪوبه جهيڙو نه ٿيو هو آئون گهران بصر وڪرو ڪرڻ جو چئي ويو هيس پويان گهر واري خودڪشي ڪئي آھي. ٻئي طرف فوتي راڻي ڪولهڻ جي پيءَ ڪنڀو ڪولهي ۽ ڀاءَ ھريش ڪولهي جو چوڻ آھي ته زال مڙس جو ڪوبه جهيڙو نه ٿيو آھي جيڪا رب سائين جي مرضي اسين ڪوبه ڪيس ياپوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاهيون جڏهن ته بغير پوسٽ مارٽم جي لاش وارث کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو