8 مهينن ۾ ٽيون دفعو آءِ جي پنجاب بدلي، صوبي ۾ بد انتظامي چوٽ چڙهيل

لاهور(م ڊ) وفاقي حڪومت سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڪيپٽن (ر) عارف نواز کي پنجاب جونئون آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پوليس امجد جاويد سليمي کي هٽائي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري پنجاب جي لاءِ به ٽن آفيسرن جا نالا غور هيٺ آهن. ميجر رٽائرڊ اعظم سلمان، احمد نواز سکهيرا ۽ ڪيپٽن اعجاز جي نالن تي غور هلي رهيو آهي. اعظم سليمان فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب آءِ جي امجد جاويد سليمي پوليس ۾ حڪومتي جي ڪجهه قدمن جي مخالفت ڪئي هئي جنهن ڪري کيس هٽايو ويو. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته جيڪو آفيسر ڪم ڪندو اهو ئي اسان جي ٽيم جو حصو هوندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آفيسرن جي وفادار ماڻهن بدران رياست سان هجڻ گهرجي. هن چيو ته فيصلا سياسي قيادت کي ڪرڻا آهن ۽ ان تي عمل بيورو ڪريسي کي ڪرائڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب بينڪ جي صدر جي مقرري به قانون مطابق ٿيندي. ياد رهي ته پنجاب ۾ 8 مهينن ۾ ٽيون دفعو آءِ جي بدلي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو