70 سالا پيرسن پنجين شادي ڪري علائقي ۾ رڪارڊ قائم ڪيو

شاهپور جهانيان (اسد جاني) عشق ڪڏهن پوڙهو ناهي ٿيندو. شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ نئون گچيرو واسي 70 سالا پيرسن حاجي محمد چنڊ هڪ ٻئي پٺيان 3 فوت ٿي ويل زالن کان پوءِ چوٿين شادي ڪئي جيڪا ڪجهه ڏينهن بعد ساڻس فراڊ ڪري 2 لک 30 هزار روڪ ۽ هڪ لک ماليت جا سونا زيور کڻي گهر ڇڏي هلي وئي. جنهن کانپوءِ پيرسن حاجي محمد چنڊ دل نه هاري ۽ پيار جا پيچ اڙائي پنجين شادي ڪري ورتي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي پيرسن گهوٽ حاجي محمد چنڊ چيو ته آئون پنجين شادي مان بلڪل مطمئن آهيان ڇاڪاڻ ته زندگي جي طويل سفر ۾ هڪ گهر واري جو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته مون کي ٽن زالن مان ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي ۽ هاڻي اهو اولاد جوان آهي ۽ مون کان ڌار رهي ٿو ان لاءِ پنهنجي سُک سان زندگي گذارڻ لاءِ پنجين شادي ڪئي اٿم.

پهنجو تبصرو موڪليو