50 هزار جي خريداري تي شناختي ڪارڊ جو شرط لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو هڪ دفعو ٻيهر شهرين لاءِ سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ سيلر کان 50 هزار رپين کان وڌيڪ خريداري تي پنهنجو ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. ايف بي آر جي ترجمان ڊاڪٽر حامد عتيق سرور چيو ته خريداري وقت قومي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جو شرط واپارين جي سهولت لاءِ جولاءِ 2019 ۾ واپس ورتو ويو هيو پر هاڻي اهو شرط پهرين فيبروري 2020 کان ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صارفين طرفان شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ ڪو مسئلو ناهي ايف بي آر ٽيڪس چورن جي سڃاڻپ لاءِ ڪاروبار کان ڪاروبار خريداري جي نگراني ڪندو. ترجمان مطابق اسان شناختي ڪارڊ جي تصديق لاءِ پنهنجي سسٽم کي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريسن اٿارٽي سان ڳنڍينداسين. حامد عتيق سرور چيو ته ڪجهه واپاري ٽرنزيڪشن لاءِ جعلي شناختي ڪارڊ نمبرن جو استعمال ڪري رهيا آهن صرف وڏي ٽرانزيڪشن ۾ ملوث واپارين جي ڪيس ۾ تصديقي نظام جو استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته شناختي ڪارڊ جي شرط جو اصل مقصد ڪاروبار کان ڪاروبار ڏي وٺ جي دستاويزن کي شڪل ڏيڻ آهي ۽ صارفين جي مخصوص تعداد ئي 50 هزارن کان وڌيڪ ماليت جي خريداري ڪندي آهي ۽ اها سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ ماڻهوءَ کان ئي ڪئي ويندي آهي.  هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو شرط جعلي ۽ غير تصديق ڪاروباري ماڻهن کي ان خريدارن کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته 41 هزار 4 سئو 84 سليز ٽيڪس رجسٽرڊ ماڻهو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٽيڪس گوشوارا به جمع ڪرائي رهيا آهن. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ شخص کان خريداري ڪئي ويندي ته خريدار جو شناختي ڪارڊ نمبر صرف محدود ڪيسن ۾ فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو