50 سال پراڻو ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم

بلڙي شاھ ڪريم(ذوالقرنين لنڊ) پنج هزار آبادي وارو ڳوٺ سعيد خان لنڊ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي. 50 سال اڳ قائم ٿيندڙ هي ڳوٺ اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي واري دور ۾ به پٿر جي زماني جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سعيدخان لنڊ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ پهرين اسڪيم محمدخان جوڻيجو جي ٽائم ۾ منظور ڪئي وئي جيڪا صرف ٻه مهينا هلڻ کان پوء انتظامي بي ڌياني جي ڪري ناڪارا بڻجي وئي، مشينري ناڪارا ٿيڻ ڪري ٻن تلائن ۾ گندو پاڻي سالن کان بيٺل آھي، ان اسڪيم تي اڄ به ملازم مقرر ٿيل آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، جڏهن ته ٻي اسڪيم 2009ع ۾ تعلقه گورنمينٽ بلڙي شاھ ڪريم طرفان ڏني وئي ھئي جنهن جي ٽانڪي جو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آھي، ٺيڪيدار پئسا کڻي گم ٿي ويو آھي، هوڏانهن ناڪارا پيل ٻنهي اسڪيمن جي مد ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي, ٽنڊومحمدخان جي ڊپٽي ڪمشنر ڳوٺاڻن جي درخواست تي ٻه دفعا پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر کي مسئلو حل ڪري رپورٽ ڏيڻ لاء لکيو پر انجنيئر ڊي سي جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آھي، ڳوٺ سعيدخان لنڊ جي رهواسين گهر ڪئي آھي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي واٽرسپلائي اسڪيم جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو