5 ٻارن جي ماءُ سان مبينه اجتماعي لڄالٽ، 2 جوابدار گرفتار

سجاول (سليم ملاح) ڳوٺ موسيٰ لوٺيو جي رهواسي سومار لوٺيو جي گهرواري پنج ٻارن جي ماءُ مسمات سڪينا کي مبينا طور 4 وحشي صفت درندن يرغمال ڪري اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو. متاثر عورت مسمات سڪينا پوليس اسٽيشن سجاول تي بيان ڏيندي ٻڌايو ته رات جو 7 وڳي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهي هئي ته اوچتو جوابدار اسلم عرف ابلو، اسلم پٽ الھڏنو، عبداللطيف ۽ امين هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي زبردستي زرعي زمين ۾ وٺي اجتماعي جنسي زيادتي ڪئي. مسمات سڪينا ۽ ان جي مڙس سومار لوٺيو جي فرياد تي چئني جوابدارن مٿان سجاول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن امين ۽ اسلم عرف ابلو کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ھوڏانھن اھڙي واقعي تي سجاول جي سياسي سماجي تنظيمن پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو