5 ڏينهن گذري ويا نه قاتل پڪڙيا نه مغوي موٽيو، وارثن جو احتجاج

وارهه(طالب حسين چانڊيو) پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتل گرفتار نه پئي ڪري، وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ۽ انصاف جي اپيل، مقتول جي والده انصاف لاِ رڙندي بيهوش ٿي وئي. ايوان صحافت نيشنل پريس ڪلب اڳيا احتجاج ڪندي مقتول جي امڙ ڀاڳل سنڌ يار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گاجي کهاوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ڀٽي ۾ پاڻي جي تلاء تان ٿيل جهيڙي ۾ قاتلن زاھد کهاوڙ سڪندر کهاوڙ سونو کهاوڙ اصغر کهاوڙ,صفدر,کهاوڙ گڏجي اسان جو نوجوان داون علي کهاوڙ کي قتل ڪري آصف علي کي زخمي ڪري ھڪ پنجويهه سالن جو نوجوان الطاف کهاوڙ اغوا ڪري فرار ٿي ويا آھن، جنهن جي ايف آء آر گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪوبه تعاون نٿي ڪري، قاتل گرفتار ڪرڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسان کي خوف آ اسان جو اغواٿيل نوجوان سندن جي قبضي ۾ آهي ڪٿي هن کي به نقصان نه پهچي.  احتجاج ڪندڙن ۾ مقتول داون جي امڙ ڀاڳل,اڪيلي پٽ غلام محمد سندس جون ٽي نياڻيون,ڀاء قائم الدين راحب علي,سميت ڪافي تعداد ۾ مٽ مائٽ شامل هئا. هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته فورن قاتل گرفتار ڪري اغوا ٿيل نوجوان بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو