5 لک ملازمن جا جي پي فنڊ اڪائونٽ جلد اپ ڊيٽ ٿيندا،غفران

مٽياري(رياض چانڊيو) اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ غفران ميمڻ مٽياري ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ سنڌ جي پي فنڊ سينٽر جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ پنج لکن کان وڌيڪ ملازمن جا جي پي فنڊز اپڊيٽ ڪرڻ جو مرحلو مڪمل ڪيو ويندو جنهن بعد ملازمن کي پنهنجا ئي فنڊ ڪڍرائڻ لاءِ ڪنهن به آفيس جا ڌڪا کائڻا نه پوندا، پوري سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس مٽياري پاران قائم ڪيل جي پي فنڊ سينٽر مثالي طريقي سان جڙيل آهي جنهن لاءِ اڪائونٽس آفيس جا آفيسر ۽ ملازم شاباش جا مستحق آهن. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس مٽياري ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ غفران ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جي پي فنڊ، پينشن يا ٻئي مسئلي لاءِ ڪو ماڻهو اڪائونٽس آفيس ۾ اچي ته ان کي پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ميسر هجن، لکين ڪروڙين روپين جي فنڊ هولڊرز کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پون. ان موقعي تي ايڊيشنل اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ڪامران خان، ڊپٽي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ سعيد کوکر، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ظهيرالدين شيخ، ڊسٽرڪ اڪائونٽس آفيسر حيدرآباد الهه بچايو جتوئي، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٽو عارف ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. هن چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن سمورن پينشنرز کي سڌو سنئون ادائيگي ڪئي آهي ۽ ورلڊ بينڪ هن ماڊل کي ڪامياب ماڊل قرار ڏنو آهي. اي جي سنڌ غفران ميمڻ چيو ته سنڌ اندر 22 ضلعن ۾ جي پي فنڊز جا سينٽر قائم ڪيا ويندا، اهي سينٽر پهرين جولاءِ کان وٺي 31 آگسٽ تائين اسان کي مڪمل ڪرڻا آهن. گهوٽڪي، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ جي پي فنڊ جا سينٽر قائم ٿي چڪا آهن ۽ مٽياري ڇهون ضلعو آهي جتي اهو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ باقي ضلعن ۾ به تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ تمام جلد اتي به جي پي فنڊ جي سينٽرن جا افتتاح ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته ملازمن جي ريڪارڊ جي حوالي سان تعليم، صحت ۽ گهرو کاتي سميت ٻين کاتن جي تعاون جي ضرورت پوندي جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ ذريعي لاڳاپيل سيڪريٽرين کي درخواست ڪئي ويندي. ان موقعي تي اي جي سنڌ غفران ميمڻ اعلان ڪيو ته 31 ڊسمبر 2019ع تائين سڄي سنڌ جا جي پي فنڊ اپڊيٽ ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ملازمن کي پنهنجن پئسن مان ايڊوانس وٺڻ لاءِ ڌڪا کائڻ نه ڏينداسين، اسين چاهيون ٿا ته 24 ڪلاڪن اندر ملازم پنهنجا پئسا ڪڍرائي سگهن ڇاڪاڻ ته جي پي فنڊ ملازمن جو پنهنجو ئي پئسو آهي. اي جي سنڌ غفران ميمڻ اڪائونٽس آفيس جي آفيسرن ۽ ملازمن تي زور ڀريو ته اهي وقت ۽ حالتن سان گڏ پاڻ کي به تبديل ڪري جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملازمن جا مسئلا حل ڪرائڻ کي يقيني بنائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو