48 ڪلاڪن بعد بيگاري ۾ ٻڏل نينگر جو لاش ٽوٻن ڳولي لڌو

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) خير محمد مڱڻهار واري علائقي ۾ بيگاري واهه ۾ وھنجندي ٻڏي ويل نينگر جو لاش 48 ڪلاڪن گذرڻ بعد وارثن کي ھٿ اچي ويو آهي. 12 ورھين جو نينگر محمد قاسم 2 ڏينھن پھريان پنھنجي دوستن سان وھنجي رھيو ھيو ته سندس تيذ وهڪري سبب اونهي پاڻي ۾ هليو ويو. وارثن پاران مسلسل لاش جي ڳولا ڪئي ويئي پر ڀرپاسي جي علائقي مان لاش ھٿ نه آيو۔ جنھن بعد وارثن سندس لاش جي ڳولا لاءِ سکر مان ٽوٻا گھرايا جن 24 ڪلاڪن جي محنت کانپوءِ ڳوٺ مارک ڀيو ڀرسان وھندڙ بيگاري بئراج مان نينگر جو لاش ھٿ ڪري ورتو۔ وارث فوتي نينگر جو لاش کڻائي گھر پھتا ته روڄ راڙو پئجي ويو. سندس امڙ بيھوش ٿي ويئي۔ جڏھين ته لاش جي حالت تمام خراب ٿي ويئي. واقعي جي خبر ٻڌڻ تي سوين ڳوٺاڻا فوتي نينگر جي گھر پھچي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو