40 سال آمريت رهي پر گندو سياستدانن کي ڪيو پيو وڃي،شاهه

سکر (جیرام بختیار پوري) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ چاليهه سال آمريت رهي آهي. سياستدانن کي گندو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته سياستدان گندا آهن، ملڪ ۾ جهڙو به لولو لنگڙو سسٽم آهي ان کي هلڻ ڏنو وڃي، سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر کي خطاب ڪندي هُن چيو ته ملڪ جي حالت خراب آهي، وزير اعظم پارليامينٽ ۾ چئي پيو ته ٻڌايو ڇا ڪيان، جنهن ملڪ جي پارليامينٽ ڪمزور هوندي آهي اتان جي عدليه به ڪمزور هوندي آهي اسان جي پارليامينٽ ڪمزور آهي پ پ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، پ پ ارڙهين ترميم آندي، صوبن کي اختيار ڏنا. اڄ ملڪي پارليامينٽ سان خراب حشر ڪيو پيو وڃي، منهنجي سٺي ساک هوندي به مڊل ڪلاس جو هجڻ ڪري پويان پئجي ويا آهن ته ملڪيت ڪٿان آندي آهي، ملڪ جي حالت خراب آهي ڪير به ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، سياستدان ٿيڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ ڏکيو آهي، صاف شفاف سياست ڪئي، ڪرپشن ناهي ڪئي، ڪرپشن خراب عمل آهي، اڪيلي سر ڪير به حڪومت نٿو ڪري سگهي. سکر شهر ۾ سٺ ارب روپين جا ميگا پراجيڪٽ هلن پيا، رب کان دعا آهي ته مونکي صرف ٽي گز زمين قبر لاءِ ڏي، طاقت تي غرور ڪيو پيو وڃي جن ملڪ لاءِ سياست ڪئي انهن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو