4 سالن جي ٻار ۾ ٻه دليون هجڻ جو انڪشاف

سيوهڻ (ن سنڌيار) سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ علاج هيٺ نينگر کي ٻه دليون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد سان تعلق رکندڙ 4 ورهين جي ٻارڙي کي ٻه دليون آهن.  نينگر جي پيءُ جو چوڻ هو ته جڏهن چيڪ اپ لاءِ اين آءِ سي وي ڊي سيوهڻ آندو ويو ته ڊاڪٽرن سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون ته اهو انڪشاف ٿيو. ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي سيوهڻ ڊاڪٽر معين الدين صديقي ٻڌايو ته ٽيسٽ ۾ ٻارڙي جي جسم مان ٻه دليون مليون آهن، 4 ورهين جي ڪامران جي هڪ دل ساڄي ۽ هڪ کاٻي پاسي آهي. ڊاڪٽر معين الدين جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل سائنسز ۾ جسم ۾ ٻن دل وارن کي دل جا دورا گهٽ پوندا آهن. دل جي ماهر ڊاڪٽر عبدالرحمان جمالي جو چوڻ آهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو هن اهڙو ڪيس ڏٺو آهي، ٻار کي مستقبل ۾ ٻن دلين سبب تڪليف ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو