380 کان وڌيڪ استادن کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 380 کان وڌيڪ هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سنڌي لئنگويج ٽيچرس کي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي منظوري کانپوءِ 17 گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون آهن، ڪراچي، مٽياري، گهوٽڪي، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور،لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، خيرپور، سجاول، بدين، ٺٽو سميت مختلف ضلعن جي ترقيون ماڻيندڙ مرد ۽ عورت استادن کي مٿئين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ بابت اسڪول ايجوڪيشن۽ ليٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. . جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 383 استادن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن.

380 کان وڌيڪ استادن کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي” هڪ تبصرو

  1. سنڌ اڃا محنت گهري ٿي۔ اسان جي ضميرن ت وڏو وزن آھي ت اسان پنهنجي ماڻھنکي صحيح دڳ ن لاهي سگهيا آھيون۔۔۔ سنڌ کي علم جي روشني جي ضرورتآھي۔ وقت روشني رکندڙن کان شايد اهو سوال ڪري ت توهان ڏيئي مان ڏيئو ڇو ن ٻاريو۔ سياست۽ رياست لاء ھر ماڻھون پريشان آھي۔۔ جڏهن ت اسان جو مسئلو اسان جي پنهنجي لاعلمي ۽ جهالت آھي۔۔۔ انفرادي سوچ ن اڀري سگهي آھي۔۔اجتماعي سوچ ۾ صرف زاتي مفادات آھن۔۔ اسان لائبريريون ن کولي سگيها آهيون۔۔ اسان پنهنجا اسڪول اسپتالون سڌاري ن سگهيا آهيون۔۔۔ اسان صرف ٻين کي پنهنجي تباهي جو ذميوار ڪنفا رهيا آھيون۔ جڏهن ت اان جون پنهنجون ذميواريون اڃا اڻپوريون آھن۔ سالم ۽ حقيقت پسند معاشري جو خواب سنڌ ويچاري کان اڃا ڏاڍ و پري آهي۔۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو