30 مڻ وزن وارو سلطان قرباني لاءِ تيار

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار )ڪراچي جي نور خان برفت ڳوٺ ۾ پورھيت جھنگل ٻرڙو پنھنجي گھر ۾ شوق خاطر ڪاري ڪلر ۾ ساھيوال نسل جي جانور سلطان کي پاليو جيڪو ننڍي لاء کان ھن مھل تائين سندس گھر ۾ نازن ۽ نخرن سان وڏو ٿيو، جنھن جي ڊيوٽي تي ٽي کان چار ماڻھو روزانو سلطان کي ڏھ ڪلو کير، پنج ڪلو صوف ڏھ ڪلو ڪڻڪ، اڌ ڪلو بادام ۽ اڌ ڪلو پستا کارائيندا آھن، سلطان جي مالڪ جھنگل ٻرڙو ٻڌايو ته سندس جو جانور ننڍي ھوندي کان کيس پاليو ڏينھن رات سندس مٿان محنت ڪئي آھي، َسلطان ھن قرباني جي عيد تي قربان ٿيڻ لاء تيار آھي، سندس جو وزن وزن ٽيهه مڻ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو