3 ڏينهن کان گلشن حديد جو پاڻي ۽ بجلي بند، شهرين جو احتجاج

ملير(درياخان شر) پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا لائن ۾ فالٽ ڄاڻائي گلشن حديد واسين جو ٽن ڏينھن کان بجلي ۽ پاڻي بند ڪري ڇڏيو. گلشن حديد جا شهري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا جي عملدارن جي مبينا ناانصافين خلاف روڊن تي نڪري آيا، سخت احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو. گلشن حديد واسي عبدالرشيد ڪٽپر,جاويد شر,ھمير خان,عبدالحئي عمراڻي,چاڪر خان شر,برج لال ۽ ٻين چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميا جي عملدارن پئسن عيوض پاڻي ۽ بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن ۽ اضافي رقم بل ادا ڪندڙن مٿان لڳايا پيا وڃن، مٿان وري شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ڪري علائقي واسين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل لائن جي مرمت نه ڪرڻ خلاف علائقي  واسين سڀاڻي شٽرڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو