3 ڄڻن جي گرفتاري خلاف روڊ بلاڪ، آزادي بعد ٽريفڪ بحال

عادلپور(مدد علي شاھ) انڙبرادري جي گهرن تي پوليس چڙهائي ۽ 3 ڄڻا گرفتار ڪرڻ خلاف متاثره خاندان وارن خانپور مهر۽ گهوٽڪي کي ملائڻ واري روڊ تي ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ظهير انڙ، لطف الله انڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل رات عادلپور پوليس اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري ٽن ڄڻن ممتاز، صوبدار ۽ قالو انڙ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته جيستائين اسان کي پنهنجا ماڻھو نہ ملندا ايستائين روڊ نہ کوليو ويندو جنهن بعد پوليس نيٺ مجبور ٿي ٻن ڪلاڪن بعد انڙبرادري جي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪندي روڊ کولي ڇڏيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عادلپور عبدالمجيد آرائين ٻڌايو تہ منگي برادري جو پاڻ ۾ ڪارنهن جو مسئلو هو ۽ ڪجھ منگي شڪارپور کان فساد لاءِ هتي آيل هئا جيڪي اسماعيل مهر جي ڳوٺ ۾ ويٺل منگي برادري جي ماڻھن مٿان حملو ڪرڻ چاهن پيا ۽ هو عادلپور ۾ انڙ برادري جي ماڻھن وٽ ترسيل هئا، جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪئي آھي ۽ اتان ۽هڪ منگي کي به گرفتار ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو