26 نومبر کان ملڪ جا سڀئي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)حڪومت 26 نومبر کان 10 جنوري تائين سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر دوران ڪيسن جو تعداد خوفناڪ حد  تي پهچي چڪو آهي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا  ڪيسن جي مثبت شرح 82 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي.تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ اجلاس  ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شفقت محمود چيو ته 26 نومبر کان اسڪول ، ڪاليجون يونيورسٽيون ۽ ٽيوشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.شفقت محمود چيو ته تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا ۽ 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون هونديون  11 جنوري کان تعليمي ادارا ٻيهر کوليا ويندا. هن چيو تا جتي آن لائن سسٽم هوندو  اتي آن لائن ڪلاس هلندا ۽ جتي آن لائن سسٽم نه هوندو ،  اتي استاد شاگردن کي  گهر۾ پڙهڻ جو  ڪم ڏيندا جڏهن ته فيصلا صوبائي حڪومتون ڪنديون “ هن  وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومتون پنهنجي صوبي متعلق فيصلا ڪنديون. شفقت محمود چيو ته ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سمورا امتحان 15 جنوري تائين ملتوي ڪيا ويا آهن ، داخلا سطح جا امتحان معمول موجب جاري رهندا ۽ ايس او پيز سان منعقد ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ڏورانهن علائقن جي  يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ رهندڙ  ٽيون حصوشاگردن کي رهڻ  جي اجازت هوندي.هن وڌيڪ چيو ته جنوري جي پهرين هفتي ڪورونا جي صورتحال کي ڏسڻ لاء هڪ اجلاس  منعقد ڪيو ويندو ته جيئن بيماري جي صورتحال کي ڏسي ان مطابق فيصلو ڪري سگهجي ۽ 11 جنوري تي تعليمي ادارا ٻيهر کولي سگهجن.تعليم واري وزير چيو ته ووڪيشنل ادارا جيڪي روزانه ڪلاس ناهن هلائيندا آهن اهي ۽ سينئر ميڊيڪل ٽريننگون جاري رهنديون. شفقت محمود چيو ته بورڊ سفارش ڪري رهي آهي  ته امتحان جيڪي مارچ ۽ اپريل ۾ ٿيڻ وارا آهن اها مئي کان جون تائين ڪيا وڃن .جڏهن تعليمي ادارا کليل هوندا  ته شاگردن کي ڪورس جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو وقت ملي ويندو. تعليمي سال اپريل جي بدران آگسٽ تائين وڌايو وڃي ۽ اونهاري جون موڪلون گهٽ ڪيون وڃن.ياد رهي ته ڪورونا وائرس سڄي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي تنهنڪري تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو