24 ضلعن جي ڊي ايچ اوز جي مايوس ڪن ڪارڪردگي

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڊي جي صحت سنڌ جي 24 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي علاج ۽ ٽيسٽ لاءِ مناسب انتظام نه ڪرڻ تي ڊي ايچ اوز جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪن قرار ڏيندي کانئن وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف 9 ضلعن جي ڊي ايچ اوز جي ڪورونا جي حوالي سان ڪارڪردگي کي انتهائي خراب قرار ڏيندي چتاءُ جاري ڪيو آهي. روزاني سنڌيار وٽ ڊي جي پاران جاري ڪيل ٻئي خط موجود آهن. ان ڏس ۾ ڊي جي صحت سنڌ جي 24 ضلعن جي جن ڊي ايچ اوز جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي وضاحت طلب ڪئي آهي تن ۾، دادو، بدين، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، مٽياري، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، قمبر، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل ۽ ڪراچي ڪورنگي جا ڊي ايچ اوز شامل آهن.

ڊي جي ايڪسپلينشن ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته هو ڪورونا جا سيمپل وٺڻ جي حوالي سان سندن ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي. ٻن ضلعن جي ڊي ايچ اوز ته هڪ به سيمپل نه ورتو. ان معاملي جو صحت واري وزير سخت نوٽيس ورتو آهي. ڊي ايچ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان بابت پنهنجي وضاحت پيش ڪن. ڊي جي هيلٿ پاران اهو ايڪسپلينيشن ليٽر 28 جون تي جاري ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪراچي مان اسٽاف رپورٽر موجب 9 ضلعن جي ڊي ايچ اوز جي ڪورونا جي حوالي سان ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ تي سندن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٻن 20هين گريڊ جي ڊاڪٽرن سميت 9 ڊي ايچ اوز جي خلاف ڊي جي صحت سيڪريٽري کي رپورٽ اماڻي ڇڏي آهي.

ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ پاران صحت کاتي جي سيڪريٽري ڏانهن اماڻيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دادو جي ڊي ايچ او ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوچ، مٽياري جي ڊاڪٽر غلام رسول واسواڻو، بدين جي لياقت علي قمبراڻي، ٽنڊو محمد خان جي محمد يوسف ، ٿرپارڪر جي ڊاڪٽر گورڌن داس عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر الهداد ، جيڪب آباد جي احمد بخش جکراڻي ڪشمور جي ڊاڪٽر احسان ڏاهاڻي ۽ شهيد بينظير آباد جي آصف رضا بروهي جي ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي، ڪورونا ايمرجنسي دوران کين شڪي متاثرين جا سيپمل گڏ ڪرڻ لاءِ کين چيو ويو هو، پر سيمپل گڏ ڪرڻ ۾ سندن ڪارڪردگي سٺي ناهي، کين ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ توڙي ٽيليفون ذريعي هدايتون ڏنيون ويون پر انهن عمل نه ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير سخت نوٽيس ورتو آهي، خط ۾ ڊي جي صحت سفارش ڪئي آهي، ته ڄاڻايل ڊي ايچ اوز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، واضع رهي ته موجوده ڊائريڪٽر جنرل صحت مٿي ڄاڻايل سمورن ڊاڪٽرن کان جونيئر آهي، ان حوالي سان موقف معلوم ڪرڻ لاءِ بار بار ڪال باوجود سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو