نوشھروفيروز ( رپورٽ منظور ملڪ )صوبائي وزير تعليم اڄ محرابپور پھچي گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ پاران ٺھندڙ ايجوڪيشنل ڪامپليڪس جي پيڙھ جو پٿر رکيو.ان موقعي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اسڪول ٺاھڻ وارن جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته اھڙا ماڻھو سرڪار جي مدد ڪري رھيا ھوندا آھن. ان چيو ته وسيلن جي کوٽ سبب اسان اھي ڪم نه سگھيا آھيون جيڪي اسان ڪرڻ گھرون پيا. اسان کي اميد آھي ته آھستي آھستي شيون بھتر ٿينديون. ان چيو ته صوبائي سرڪار ٻارن جي تعليم لاءِ پنھنجي وسيلا ڪتب آڻي رھي آھي ۽ تازو صوبائي بجٽ ۾ تعليم لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آھن . ان چيو ته اسان فيصلو ڪيو آھي ته نوان سرڪاري اسڪول ٺاھڻ بدران پراڻن اسڪولن کي بھتر ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ ھزارن ٻارن کي انڊومنٽ فيڊ ذريعي اسڪالر شپ ڏني پئي وڃي . جڏھن ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت مستقبل ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ويندو. ۽ جلد سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو. ان چيو ته 37 ھزار استادن جي ڀرتي لاءِ آئي بي اي ذريعي شفاف طريقي سان ڀرتي جي عمل کي مڪمل ڪيو ويندو. ان چيو ته تعليمي معيار کي بھتر بنائڻ لاءِ پرائمري استاد لاءِ گھربل تعليمي معيار کي گريجويشن ڪيو ويو آھي ۽ پرائمري استاد جو اسڪيل به وڌايو ويو آھي. صوبائي وزير چيو ته ھن سال صوبي ۾ 2200 کان وڌ پند پيل اسڪولن کي کوليو ويو آھي جڏھن ته ڇوڪرين جي اعليٰ تعليم لاءِ سيڪنڊري اسڪول جا ڪلسٽر ٺاھيا ويا آھن ته جئين ڇوڪرين کي وڌيڪ تعليم لاءِ پري نه وڃڻو پوي. تقريب کي ميمبر صوبائي اسمبلي ممتاز علي چانڊيو، پي پي جي ضلعي صدر فيروز جمالي ۽ گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي سي اي او زاھد سعيد ۽ ٻين خطاب ڪيو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو