2021مائرن کان محروم ٿيندڙ شوبز جون شخصيتون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هن سال جتي ڪيترين ئي پاڪستاني مشهور شخصيتن کي سندن مداحن الوداع ڪيو، ڪجهه اداڪارن جون مائرون به کانئن 2021 ۾ جدا ٿي ويون. مشهور ميزبان، اداڪارا ۽ هدايتڪار ندا ياسر ۽ اسپورٽس اينڪر سويرا پاشا جي ماءُ فهميده نسرين هلندڙ سال فيبروري ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.ندا ياسر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي والده جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو هو ته سندس والده ڊگهي بيماري کانپوءِ گذاري وئي. مشهور اداڪارا شگفته اعجاز جي ماءُ مارچ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، اداڪارا جي ماءُ ڪجهه عرصي کان بيمار هئي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. پاڪستاني اداڪار سعد قريشي جي ماءُ جون ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي وئي هئي. اداڪار سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ٻڌايو هو ته سندس والده 56 ڏينهن کان اسپتال ۾ هئي، ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ پيچيدگين سبب هو. ڀارتي اداڪار بومن ايراني جي ماءُ جون ۾ 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، اداڪار پنهنجي والده جي وفات جو اعلان انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو. بالي ووڊ ۾ مشهور اداڪار اڪشي ڪمار انهن ماڻهن مان هڪ آهي جن هن سال پنهنجي ماءُ واري شخصيت کي وڃائي ڇڏيو. اداڪار جي ماءُ هن سال سيپٽمبر ۾ گذاري وئي.ثنا فخر جي ماءُ آڪٽوبر 2021ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ يادگار تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ماءُ کي ٻيهر ڪڏهن به نه ڏسندي ڇو ته هوءَ گذاري وئي آهي.

Imran Abass kissing the foot of his mother

اداڪار عمران عباس جي والده هن مهيني جي 15 تاريخ تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته الوداع منهنجي ماءُ، مان هاڻي اهي قدم چمي نه سگهنديس، اڄ مان پنهنجي جنت وڃائي ويٺس، مهرباني ڪري پنهنجي ماءُ لاءِ سوره فاتحه پڙهو.

پهنجو تبصرو موڪليو