جهلم (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2020 ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام کي نوڪرين ڏيڻ جو سال هوندو. جهلم جي تعلقي پنڊ دادن ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڻي جي اچڻ سان سڄو علائقو بدلجي ويندو آهي ميانوالي ۾ پاڻي سان سڄو علائقو بدلجي ويو. پنڊ دادن خان ۾ مٺو پاڻي ناهي مون کي خبر آهي ته هتان جي رهواسين کي ڪهڙي قسم جون مشڪلاتون آهن. هن جو چوڻ هو ته جيڪو منصوبو 120 سال اڳ شروع ڪرڻو هو اهو اڄ شروع ٿيو آهي جلال پور ڪينال سان جهلم، پنڊ دادن خان، خوشاب جي علائقن جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ سال ڏاڍو مشڪل ۾ گذاريو جيترو ٽيڪس جمع ڪيو ان جو اڌ حصو ماضي جي حڪومتن جي قرضن جي وياج ۾ هليو ويو. ماضي جي 10 سالن جي ظلم سبب عوام کي مهانگائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي. هن چيو ته اڄ ذخيرا وڌي رهيا آهن، سرمائيڪاري ٿي رهي آهي، 2020 جو سال اسان جو ترقيءَ جو سال هوندو، 2020 جو سال نوڪريون ڏيڻ جو سال آهي اصلاحاتون مشڪل هونديون آهن تبديلي ايتري آسان ناهي. هن چيو ته هر اصلاحات نه ٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ ته مافيا رڪاوٽون وجهن ٿا سياستدانن جي مافيا هر روز حڪومت کي برو ڀلو ڳالهائيندي آهي ان مافيا کي خوف آهي ته جيڪڏهن حڪومت ڪامياب ٿي وئي ته اهي جيل ۾ هوندا. عمران خان چيو ته جنهن معاشري ۾ ڪرپشن ختم نه ٿيندي اهو ترقي نه ڪندو جنهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي اُتان جا ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ڪرپشن ملڪ ۾ ميرٽ کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي اسان جي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي اسان پنهنجي ملڪ کي اڳتي کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن جو چوڻ هو ته چين 450 وزيرن کي ڪرپشن جي الزام ۾ جيل موڪليو جڏهن ته آمريڪا ۾ 30 سالن کان پوءِ به ماڻهن کي ڪرپشن ۾ پڪڙيندي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪمرانن جي ڪري ملڪ قرضائي ٿيو جيڪڏهن توهان کي منهنجي ٽيم جو حصو ٿيڻو آهي ته پوءِ ان ڪرپٽ ماڻهن کي شڪست ڏيڻي آهي. پاڙيسري ملڪ ڀارت جي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪو بارڊر تي ٿي رهيو آهي ائين ناهي ٿي رهيو مودي 80 لک ڪشميرين کي جيل ۾ رکيو آهي. هن چيو ته نريندر مودي گجرات ۾ هزارين مسلمانن کي قتل ڪرايو، ڪشميري جي پوري قيادت کي جيلن ۾ نظربند ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مودي هندوستان ۾ اهو ڪري رهيو آهي جيڪو جرمني ۾ هٽلر ڪيو هو، هاڻي ڀارت جا ماڻهو نريندر مودي جي ظلم خلاف اٿي بيٺا آهن جڏهن ڀارت جا ماڻهو مودي خلاف بيهندا ته ظلم جو نظام ختم ٿي ويندو.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين چين سان نه ويهنداسين: وزيراعظم
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو وڌيڪ فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج