20 ارب رپين جي غير قانوني ڏيتي ليتي جو انڪشاف

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪراچي ۾ موجود تفتيش ۽ انٽيليجنس شعبي خيبر پختون خواهه جي مالاڪنڊ ڊويزن ۾ بينڪ اڪائونٽس مان بغير ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ غير قانوني طريقي سان 20 ارب رپيا جمج ڪرائڻ ۽ ڪڍرائڻ واري اسڪينڊل کان پردو کنيو آهي. ٽيڪس چوري جي رقم مالاڪنڊ ڊويزن ۾ بٽخيله، بونير ۽ سوات جي علائقن ۾ ٻين بينڪ اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائي وئي جيڪا سال 2014 کان 2018 تائين خيبرپختون خواهه جو ٽيڪس فري علائقو هيو. ٽيڪس انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ ڄاڻايل اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف فرسٽ انفارميشن رپورٽ ايف آءِ آر به داخل ڪئي آهي. کاتي جي باخبر ذريعن مطابق ڏيتي ليتي جي طريقيڪار کان ظاهر ٿئي ٿو ته ان اڪائونٽ ۾ رقم بغير ڪنهن معاشي جواز جي رکي وئي جنهن کي ڪيترائي ڀيرا جمع ڪرايو ويو ۽ نقدي صورت ۾ ڪڍرايو به ويو. ابتدائي تحقيقات کان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ته ته رقم 3 قسمن جي معاملن ۾ منتقل ڪئي وئي جنهن ۾ 10 کان 15 ماڻهو ملوث هيا پر ذريعن ٽيڪس چوري ۽ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن جا نالا ناهن ٻڌايا. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ماڻهن خلاف هن مهل تائين صرف اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي جو انهن جون جائيدادون ۽ بينڪ اڪائونٽ منسلڪ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي معاملي جي وڌيڪ تحقيقات ڪري رهي آهي پر جوابدار پهرين ئي ضمانت تي ٻاهر آهن. ذريعن اهو به ٻڌايو ته ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ان نتيجي تي پهتو آهي ته رقم جي منتقلي جو مقصد ٽيڪس کان بچڻ لاءِ ملڪيت کي هتان کان هُتي موڪلڻ هيو انهن ماڻهن خلاف ٽيڪس چوري ثابت ٿي آهي ۽ انهن خلاف تحقيقات اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ڪجهه ڪيسن ۾ ٽيڪس چورن آفيسرن طرفان ٿيندڙ تحقيقات روڪرائي هئي پر عدالت ٻيهر انهن درخواستن کي بحال ڪيو ته مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاءِ مالي معانت جي ڪيسن ۾ ڪنهن کي استثنيٰ نه ٿي ڏئي سگهجي. ٻئي طرف ڊائريڪٽريٽ آف انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن هڪ بيان ذريعي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته غير قانوني ۽ ٽيڪس چوري جي رقم پري وارن علائقن ۽ ٽيڪس کان مستثنيٰ علائقن جي بينڪ اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائي وئي ته جيئن آمدني جو ذريعو ۽ مجرمن جي سڃاڻپ پوشيدهه رهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو