2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ناري بازياب، 6 ڄڻا گرفتار

دادو(ن س) پوليس ڪاروائي ڪري 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ناري مختياران جيسر کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. اها ڳالهه ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا پريس ڪانفرنس دوران ٻڌائي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اغوا جي هي واقعو هن کان اڳ جو آهي پر اسين ڪاروائي ڪري مغوي عورت کي بازياب ڪرايو آهي. ماڏو ٿاڻي جي حد ۾ 9 مئي تي سڱاوتي تڪرار تان ڳوٺ الهبچايو جيسر ۾ 8 هٿيار بندن هڪ ڄڻي کي قتل ڪري سندس ڀيڻ کي اغوا ڪيو هو. هن ٻڌايو ته ڊي ايس پي دادو، ڊي ايس پي ڪي اين شاهه، اي ايس آءِ سجاد علي جمالي سب انسپيڪٽر بينظير جمالي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي جنهن پوليس اٽالن جي مدد سان اسر ويل ڇاپو هڻي اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيلن مان 3 جوابدارن عبدالطيف جيسر،سڄڻ جيسر۽ نظير جيسر قتل ۽ اغوا ڪيس ۾ گهربل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو