2 عورتن سميت ڪار چورن جو ڪٽنب گرفتار، 6 گاڏيون برآمد

ڪراچي (رپورٽ  شهزادو  مستوئي ڳجهي اطلاع تي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل يعني ’اي وي ايل سي‘ ڪاروائي ڪندي ٻن عورتن سميت 7 رڪني ڪار لفٽر گروهه کي گرفتار ڪري جوابدارن جي قبضي مان 6 ڪارون هٿ ڪري ورتيون آهن. هٿ آيل گاڏين ۾ هنڊا سِوڪ هونڊا سٽي سوزڪي ڪلٽس ۽ آلٽو ڪارون شامل جيڪي ڪراچي جي مختلف علائقن مان چوري ڪيون ويون هيون.

Photo Sindhyar

گرفتار جوابدارن ۾ زال مڙس ڏير ۽ ٻيا شامل آهن جوابدار ٻه ڪارون وڪرو پڻ ڪري چڪا آهن جنهن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي سڃاڻپ شجاعت، دانش، عطاﷲ، احتشام، دانيال، قرت العين۽ ڪنول طور ٿي آهي. ايس ايس پي اي وي ايل سي موجب گرفتار جوابدار مجموعي طور تي 20 گاڏيون چوري ڪري چڪا آهن هنن چيو ته جوابدار دانيال هر قسم جي گاڏي کي کولڻ جي مهارت رکي ٿو، قرت العين جو ڏير پنهنجي مرحوم ڀاءُ ايڪسائيز پوليس جو يونيفارم پائي وارداتون ڪندو آهي.

Photo Sindhyar

جوابدار نشي جا عادي آهن نشي جي حوس اجهائڻ لاءِ گاڏيون چوري ڪندا آهن گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جوابدارن کان وڌيڪ اهم انڪشاف ٿيڻ جي اميد آهي جنهن بعد مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو