2 سالن کان لاپته مختيار عالماڻي عدالت ۾ پيش

نوشهروفيروز(متاق حسين مري) ٻن سالن کان ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيل پورهيت اڳواڻ مختيار عالماڻي کي لاڙڪاڻي پوليس پاران نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ کنڀي گم ڪيل مختيار عالماڻي جي وڪيلن ضلعي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي، ايڊووڪيٽ امداد حيدر سولنگي، ايڊووڪيٽ وقار ڪلهوڙو ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج قاضي منظور ضمانت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڪيس هلائڻ لاءِ 26 جون جي تاريخ ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي هن ڪارڪن کي پهرين جون 2017 تي کنڀي گم ڪيو ويو هو. پيشي جي لحاظ کان هو رازو آهي ۽ عدالت ۾ پيشي دوران تمام ڪمزور نظر اچي رهيو هو. پوليس سندس فوٽو پڻ ڪڍڻ کان روڪيو. سنڌ ۾ لاپته قومي ڪارڪنن جي لسٽ ڊگهي آهي ان موقعي تي ناليوارو اديب تاج جويو، گل مورو، مختيار عالماڻي جا وارث صفيه عالماڻي، پشمينه عالماڻي، اسد عالماڻي، مولانا عزيزالله ٻوهيو، ارشاد اڄڻ، صدر پريس ڪلب ايم ظفر تڳر، محبوب ڪلهوڙو، امجد ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا. پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مختيار عالماڻي جي وارثن، تاج جويي ۽ ٻين چيو ته قومي ڪارڪنن ۽ سياسي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ۽ قيد دوران مٿن تشدد ڪيو وڃي ٿو جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي اسان کي يقين آهي ته عدالت ڪوڙا ڪيس ختم ڪري بي ڏوهه مسڪين پورهيت کي آزاد ڪندي. هنن چيو ته چيف جسٽس سنڌ جهڙي طرح سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي مسئلي تي قدم کڻندي بازياب ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اسان کي يقين آهي ته باقي قيد ڪيل پورهيتن کي به جلد ظاهر ڪيو ويندو.*** هڪ ٻئي ڪيس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پيء سميت 4 پٽن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رھي ته ست سال اڳ فريادي محمد عمر خاصخيلي ڪوٽ مٺا خان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدار ڌر سان اسان جو پراڻو زميني تڪرار ھلندڙ ھيو شام جي وقت مان ۽ منهنجو ڀاءُ نواب خاصخيلي ڀائيٽن سميت مٺياڻي شھر کان پنهنجي ڳوٺ فقير محمد خاصخيلي وڃي رھيا ھئاسين ته پنجن جوابدارن ھرھڪ مير، نادر، پنهل، شھباز ۽ گلزار خاصخيلي جن اسان کي روڪيو ۽ ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اسان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اسان جي سامھون منهنجي ڀاءُ مقتول نواب خاصخيلي  کي ڳچي تي ڪهاڙي جا سڌا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اڄ ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل غلام اللّه ميمڻ جوابدار ڌر جي وڪيلن ارباب علي چانڊيو ۽ ديوان ڌنراج پنهنجا دليل ڏنا. عدالت قتل جو اهڙو  ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوبدار پيء مير خاصخيلي سندس پٽ نادر، پنهل، شھباز، گلزار خاصخيلي کي عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو