19 ڪروڙ ڪراچي کي ملڻ گهرجن، عدالت ۾ نئين درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريه ٽائون خلاف ڪيس جي مرڪزي درخواستگذار سيد محمود اختر نقوي سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ نئين درخواست داخل ڪرائي آهي. جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ رياض پاران لنڊن جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي سان ٿيل سمجهوتي جي نتيجي ۾ 19 ڪروڙ پائونڊ واري رقم وفاق بدران ڪراچي جي ترقي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ڇو ته ان تي حق ڪراچي جي عوام جو آهي.

ملڪ رياض برطانوي ايجنسي کي 19 ڪروڙ ڏيڻ تي راضي

رقم سپريم ڪورٽ کي ملندي، عدالت سنڌ بدران وفاق کي پئسا ڏي، شهزاد اڪبر

گذريل ڏينهن وزيراعظم جي معاون شهزاد اڪبر چيو هو ته سپريم ڪورٽ اها رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ بدران وفاقي حڪومت کي ڏني وڃي. شهزاد اڪبر اها به تصديق ڪئي هئي ته 19 ڪروڙ پائونڊ مان 14 ڪروڙ پائونڊ پاڪستان حڪومت کي ملي ويا آهن باقي 5 ڪروڙ  گهر جي وڪري بعد ملندا. ياد رهي ته ملڪ رياض ڪراچي جي بحريه ٽائون لاءِ ملير ۽ ڄامشوري ضلعن جي هزارين ايڪڙ زمين مبينه طور غير قانوني طريقي سان حاصل ڪئي هئي. جنهن جي سمجهوتي لاءِ هن عدالت کي 460 ارب روپيا ڏيڻا ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو