19 کان 20 ۾ قدم عمران سرڪار جا تبديلي رڪارڊ – پيار علي چانڊيو

خيرن سان 2019 جو سج پنھنجو سفر پوري ڪندي غروب ٿي نئين سال 2020 طرف وک وڌائي پنھنجو سفر شروع ڪيو آھي , گذريل سال ملڪي سطح تي سوين سياسي توڙي سماجي واقعا ۽ يادون ڇڏي ويو آھي جنھن ۾ عمران سرڪار موضوع مظھر آھي ڇو ته سڄي سال ۾ سياسي سرگرميون ۽ ڪشيدگيون پنھنجي عروج تي رھيون , احتجاج , ڊيڊ لائين , ريڊزون , وزيرن جي مٽا سٽا کان ويندي مشاورت ۽ مُک گرفتاريون به گذريل سال جون حصو رھيون آھن ۽ ملڪي سطح تي مھانگائي جو بي قابو ٿيل جن به 19 جي ڪٽھڙي ۾ کڙو ٿيو ھو جيڪو نئين سال 20 جي آجيان ۾ به عوام سان گڏ آھي.

گذريل سال جي شروعات کان ئي وفاقي سرڪار تبديلي جو راڳ آلاپيندي رھي جنھن ۾ ڪي قدر تبديليون ڏسڻ ۾ ضرور آيون سڀ کان پھرئين تبديلي سرڪار پنھنجي ڪابينا ۾ ردوبدل جو ڏنڊو فيرايو جيڪو فواد چودري ۽ اسد عمر کي سنئون سڌو لڳو , ٻنھي سينيئر وزيرن کان ناراض ڪپتان اھم وزارتن ناڻو ۽ اطلاعات جا قلمدان کسي ڪجھ وقت لاءّ ڪرسيون خالي ڪرايو پر موٽ ۾ وري پنھنجي ئي ڪابينا ۾ ڪروڌ ڏسي متبادل طور اسد عمر کي ڪنھن ٻئي کاتي جي ڪرسي ڏئي ميار لاٿي , ان عرصي دوران عمران سرڪار خلاف مخالفن جون ڪيتريون ئي آڱريون پڻ اڀيون ٿيون ھيون ڇو ته اسد عمر ناڻي کاتي جو مملڪتي وزير ھو , ھڪ اھم کاتي جي وزير کي اھڙي موڙ تي ھٽائڻ ڪيترا ئي سوال اڀاري رھيو ھو , اسد عمر جي وزارت ۾ عمران سرڪار امداد لاءّ سعودي عرب ۽ پاڙيسري ملڪ چين سان معاملا ۽ معاھدا طئع ڪري رھيو ھو ۽ ان وچ ۾ وزير اعظم عمران خان ٻنھي ملڪن جي ياترا پڻ ڪري چڪو ھو , امداد جي ھاڪار ملڻ شرط اسد عمر کي فارغ ڪرڻ اپوزيشن يعني ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ شڪ شبوه وڌائي ڇڏيا ھئا پر کين پاڻ ۾ ايترو اتحاد نه جوڙيو ھو جو متفق ٿي معامري جي تھ تائين پھچي سگھن.

عمران سرڪار گذريل سال ھڪ ٻيو قدم به کنيو ھو ته سياسي مخالفن کي اين آر او جي رعايت بلڪل ختم ڪري نيب جھڙي اداري کي اختيارات جي ڇوٽ ڏئي فائل ٿيل سياسي ڪيسن کي ٻيھر کولي جوڊيشنري تائين پھچائڻ ھو جنھن ۾ پھريون شڪار ن ليگ ئي بڻجي جنھن جا مک اڳواڻ مختلف ڪرپشن اسڪينڊلن جي ور چڙھي ڪال ڪوٺڙين تائين پھتا , ن ليگ اڳواڻ نواز شريف کي ڌيءُ مريم نواز سوڌو سلاخن پٺيان لائي ڪوٽ لکپت جيل جي ڪمرن کي قيد ڪرايو ويو , جنھن جي رد عمل ۾ ن ليگ پنجاب ۾ جلسا جلوس ڪري عمران سرڪار کي منجھائڻ پئي چاھيو پر اھي جلسا جلوس ميان نواز شريف لاءّ سرڪڻ جو فندو پئي بڻيا نيٺ ن ليگ قيادت عقل ۽ فھم کان ڪم ورتو ته ڪيسن کي منھن ڏيڻ لاءّ عدليا سان رجوع ڪجي نه ڪي ھڙتالون ۽ جلوسن جي چڪر ۾ رھيل ساک به وڃائجي , بحرالحال نواز شريف عمران خان جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو ھو جنھن ۾ کيس سزا به لڳي ۽ ڏنڊ ڏوھ به ثابت ڪيو ويو مگر ن ليگ ھميشه جيئن ” يه سب جُھوٽ ھي ” جو جملو ئي ورجائيندي رھي , ساڳئي سال نواز شريف بعد وارو ڦريو پيپلز پارٽي طرف جنھن ۾ اول ته ننڍيون مڇيون ڄار ۾ فاسنديون ويون جن ۾ صوبائي اسپيڪر آغا سراج دراني , خورشيد شاھ کي نيب جي ٿرو اکيون ڏيکاري سوگھو ڪيو ويو پر عمران سرڪار کي اڃا ڪجھ وڏي تڀديلي ڪرڻي ھئي سو جلد ئي نيب جي نالن جو رخ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر طرف ڪيو , نيٺ آصف علي زرداري ۽ سندس ادي به تبديلي سرڪار جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي جيل جي بند ديوارن پھتا ,

عمران سرڪار جي ڪيل مٿانھين گرفتارين ۽ ڪارواين روايتي حريف ن ليگ ۽ پ پ کي ويجھڙائپ جو سبب پڻ بڻي , پيپلز پارٽي پنھنجي پارٽي ليڊر کي بچائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ لاءّ ن ليگ کي دعوت ڏئي مشاورت ڪئي ڇو ته آصف علي زرداري سان گڏ ن ليگ اڳواڻ ميان نواز شريف پڻ جيل ۾ قيد ھو سو ٻنھي پارٽين لاءّ مشاورت ۽ اتحاد وقت جي مجبوري ھئي , نيٺ ٻنھي پارٽين ۾ الحاق ٿيو ته عمران سرڪار خلاف روڊن تي نڪري بغاوت جو جھنڊو بلند ڪبو , ن ليگ جيڪا ظاھري طور ته پ پ سان ھر موڙ تي گڏ گڏ نظر پئي آئي پر جڏھن اسلام آباد ۾ ڪپتان خلاف دنگل ٿيو ته صرف پيپلز پارٽي ئي نشابر ھئي باقي ن ليگ پري کان تاڙيون پئي وڃايون , آخر ڪار پيپلز پارٽي جو اھو دنگل به ڪنھن نتيجي جي تي نه پھتو , اسلام آباد جھڙي ميدان تي پيپلز جيالا روايت موجب پوليس جا ڏنڊا ۽ لٺيون جھلي واپس وريا ۽ ان مشن ۾ به عمران سرڪار ڪامياب ٿي ويو , ڪپتان جي ڪيل ضد ۽ ن ليگ جي بيوفائي تي پيپلز پارٽي ھڪ ڀيرو ٻيھر ن ليگ سان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي معاھدي کي ختم ڪري اڪيلي سر جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو ,  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي پيءُ جي رھائي لاءّ عمران سرڪار کي اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جا دھمان پڻ ڪندو رھيو پر ڪپتان اھڙن بيانن کي ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪري ڇڏيو.

گذريل سال عمران سرڪار ھڪ ٻيو انقلابي قدم پڻ کنيو ھو ته ھر دور حڪومت ۾ اتحادي بڻجي مراعتون حاصل ڪندڙ جميعت العلماءّ السلام ف اگواڻ مولانا فضل الرحمن کان مليل سڀ مراعتون واپس وٺي کيس سرڪاري گھر کان خانگي گھر ڀيڙو ڪيو جنھن تي مولانا سخت ڪاوڙ ۽ غصو جو اظھار ڪندي عمران سرڪار خلاف دمادم مست قلندر جو اعلان ڪندي پ پ ۽ ن ليگ جي آشرواد تي ڪپتان سرڪار خلاف ڊگھي احتجاجي مھم جو اعلان ڪيو , ان وچ ۾ ن ليگ ۽ پ پ مولانا کي مين محرڪو ڪري عمران سرڪار خلاف اڀاريو , نيٺ مولانا فضل الرحمن جي حڪم تي سڄي ملڪ مان پارٽي ڪارڪن اسلام آباد ڊي چوڪ تي رسڻ لڳا , مولانا مارچ کي مضبوط ڪرڻ لاءّ ڪنٽينر تيار ڪرايو ته ڀلي ڪيترو وقت لڳي پر سرڪار جي خاتمي بعد ئي ميدان خالي ڇڏبو , ھوڏانھن پي ٽي آءّ سرڪار نوگو ايريا بڻيل ڊي چوڪ طرف ايندڙ روڊن کي مڪمل طور سيل ڪري مولانا جي ڪارڪنن کي پري تائين محدود ڪري ڇڏيو ھو , ڪيترا ئي ڏينھن اسلام آباد جي روڊن تي ويھي عنران سرڪار کي ڊيڊ لائين ڏيندڙ مولانا فضل الرحمن پنھنجي مارچ کي نئون رخ اختيار ڪرايو ته اسلام آباد واري ڌرڻي کي ختم ڪري ملڪ گير ڌرڻن ۽ جلوسن جو اعلان ڪيو اھڙي طرح مولانا جو مارچ به بنا ڪنھن کڙ تيل جي ختم ٿي ويو.

گذريل سال عمران سرڪار ۽ عدليا ۾ پڻ ٽڪراءُ نظر آيو جنھن جو مُک ڪارڻ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ھو جنھن جي مدي ۾ عمران سرڪار ٽن سالن جو ايڪسٽين ڏئي وڌايو ھو جنھن تي عدليا عمران سرڪار جي اھڙي ڪيل ترميم تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھو ۽ وزير اعظم عمران خان کان آڏي پڇا ڪري پڻ فيصلو واپس وٺڻ جي گُھر پڻ ڪئي ھئي پر عمران سرڪار فوجي اڳواڻ جي حق ۾ ڏنل فيصلي کي ته موٽائي نه پئي سگھي پر وري به بال عدليا جي ڪورٽ ۾ ڏنو ھو اھڙي طرح عدليا چيف آف آرمي اسٽاف جي وڌايل ٽن سالن جي مدي کي رد ڪندي ڇھن مھينن جي سمري منظور ڪئي ھئي , اھو وقت عمران سرڪار لاءّ ضرور مونجھاري جو وقت ھو ڇو ته ٻئي ادارا ملڪي سطح جي اھم ادارن ۾ شمار ھئا , گذريل سال عمران سرڪار کي عالمي قوتن سان به منھن ڏيڻو پيو , ڀارت جي بلاجواز ڪشميرين تي بربريت ۽ تشدد شدت اختيار ڪرڻ لاءّ خطي جي صورتحال ڳنڀير بڻي ھئي خاص ڪري ڀارتي جھاز جي ڪيل سرحدي ڀڃڪڙي ۽ ڀارتي پائليٽ آنند جي گرفتاري عالمي سطح جو اشو بڻيو ھو جنھن تي عالمي دنيا جون نظرون پاڪستان تي ھيون ته موٽ ۾ ڪھڙو ردعمل ٿو ظاھر ڪري پر عمران سرڪار فوجي ادارن جي تعاون ۽ سھڪار سان وقتائتو فيصلو ڪري گرفتار ڀارتي پائليٽ کي خيرسگالي جذبي تحت واپس ڪري ڇڏيو ھو جنھن عالمي دنيا کي اچرج ۾ وڌو ھو , ڳالھ صرف اتي ختم نٿي پر ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ڀارتي آئين ۾ ترميم ڪري ڪشمير جي علائقي کي پنھنجي ملڪي نقشي ۾ آڻي ڪشميرين تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي ڪرفيو وارو ماحول لاڳو ڪيو جيڪو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي اھڙي صورتحال تي وزير اعظم عمران خان اقوام متحده ۾ ڪشمير مسئلي تي کليل موقف اختيار ڪيو ھو ته ڪشمير مسلمان ڪلھ به پاڪستان جو حصو ھئا ۽ اڄ به پاڪ وطن جو حصو آھن , ان بعد ڀارت کي عالمي قوتن پڻ شرمساري جو احساس ڏياريو پر عالمي قوتن ۾ اھا سچائي نظر نه آئي جو ڪشمير مسئلو حل ڪري سگھن.

2019 سال ملڪي سينيٽ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو ڇو ته پي ٽي آءّ حمايتي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي مخالف ڌرين ن ليگ ۽ پ پ پاران ھارس ٽريڊنگ وسيلي ھٽائي ٻيھر چونڊن لاءّ رٿ آندي جنھن ۾ ھو صادق سنجراڻي کي لاھڻ ۾ ڪامياب ويا پر سينيٽ جي ٻيھر چونڊن ۾ پڻ عمران سرڪار سينيٽ چيئرمين لاءّ صادق سنجراڻي جي ئي حمايت ڪري ڇڏي اھڙي طرح مخالف اتحادين طرفان سينيٽ چيئرمين حاصل بزنجو کي ميدان ۾ لاٿو پر اندروني ڳٺ ڇوڙ سبب اتحادين جا 14 ميمبر فري ويا جنھن ڪري وري به صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين واري سيٽ کٽي عھدي تي برقرار رھيو ,  عمران سرڪار مخالف ڌريون جيڪي اتحادي پارٽين جي ووٽن جو تعداد 52 ۽ مسلم ليگ ن جي ووٽن جو تعداد 53 هو، الڪيشن لاءِ ٽوٽل 104مميبرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو، پر اسحاق ڊار بيمار هجڻ سبب پاڪستان نه اچي سگهيو، جنهن ڪري سندس ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگهيو، انڪري 103 ئي ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهيا، اليڪشن کي وٺي ڪري هارس ٽريڊنگ جي گونج به رهي، جنهن لاءِ الڪيشن ڪميشن 14مارچ تي سمورين پارٽين کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته هوُ هارس ٽريڊنگ جا ثبوت ساڻ کڻي اچن، جنهن پارٽي جا ٽوٽل 53 ووٽ هئا، انهي 47 ووٽ حاصل ڪيا ۽ جنهن پارٽي جا ٽوٽل 51 ووٽ هئا انهي 57 ووٽ حاصل ڪيا، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿي آهي يا نه، چونڊن دوران پرزائيڊنگ آفسير يعقوب ناصر پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوار صادق سنجراڻي کي 57 ووٽ حاصل ڪندڙ ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ويو.

عمران سرڪار 2019 ۾ عوام مٿان مھانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو ھو , عالمي منڊي ۾ ملڪ جي ڪرنسي روپئي جو ملھ ٽڪي برابر پھچايو جنھن ڪري ڊالر وڌي وڻ ٿي 160 روپين تائين پھتو , ڊالر جي اڏام ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو , خريد فروخت ايڪسچينج سڄو سال ٻاڙائي جو شڪار رھي , تيل , گئس , بجلي ۽ ٻين شين جا اگھ ڏينھون ڏينھن وڌندا رھيا جنھن سان سڄو بار عوام مٿان پيو ۽ عوام ايتري مھانگائي ڏسي عمران سرڪار خلاف مختلف وقتن تي ڪاوڙ ۽ غصي جو اظھار پڻ ڪندو رھيو پر عمران خان ملڪي عوام کي اعتماد وٺڻ لاءّ ڪجھ صبر ۽ تحمل جو چوندو رھيو پر عوام اھڙن واعدن کي يوٽرن قرار ڏئي بي اعتمادي ۾ سڄو سال گذاريو.

گذريل سال جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ عمران سرڪار وري ھڪ يو ٽرن ورتو ۽ قيد سياسي اڳواڻن کي اين آر او جي رعايت کي برقرار رکندي ڪيترن مھينن تائين قيد ڪاٽيندڙ ن ليگ اڳواڻ ميان نواز شريف کي بيماري جو جواز ڄاڻائي عدليا وسيلي ضمانت ڏئي آزاد ڪيو ويو اھڙي طرح مريم نواز پڻ پيءُ کان اڳ آزاد ڪئي وئي ھئي , ھاڻي جڏھن عمران سرڪار احتساب واري عمل ۾ به يوٽرن ورتو ته پيپلز پارٽي قيد اڳواڻن به آزادي لاءّ پُر ساھڻ لڳا ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري به ان مان فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪورٽ سڳوي جو در کڙڪايو نيٺ ن ليگ اڳواڻ ميان شريف جيئن آصف علي زرداري کي به بيمار رھڻ جو جواز ڄاڻائي آزاد ڪيو ويو ۽ ساڳئي پارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪيسن ۾ نرمي ڪري کيس به مچلڪن عيوض ڇڏيو ويو.

عمران سرڪار سال پڄاڻان پنھنجي اقتداري مدي پوري ڪرڻ ۾ رڌل آھي اھو مدو ڪيئن پورو ٿيندو ان وچ ۾ ڪيتريون اڃا به تبديليون اينديون ڇو ته اڃا اڌ عرصو مدي جو رھيل آھي تيستائين ضرور مخالف ڌريون عمران سرڪار خلاف منصوبه ۽ رٿائون جوڙي نئين سر ميدان تي لھنديون جن کي عمران سرڪار جي اچڻ سان تڪليفن کان ويندي گرفتارين تائين منھن ڏيڻو پيو ھو تن جا زخمن 2020 ۾ به نه ڀربا ۽ زخمن جي اذيت وقت بدلي جي باھ ڀڙڪا کائيندي , اھو سڀ ڪجھ ته وقت ئي ٻڌائي سگھندو ته مخالف ڌريون نئين آيل سال ۾ خاموشي اختيار ڪري رعايت مان فائدو حاصل ڪنديون يا وري ڊي چونڪ تي نئين سر خيما ۽ ڪنٽينر کڙا ڪيا ويندا , موجوده صورتحال ۾ عمران سرڪار 2019 جيئن ڪنھن به سياسي پارٽي سان اتحادي ناھي بڻيل ڏسڻو اھو آھي عمران سرڪار نئين سال 2020 ۾ به اھا روايت برقرار رکندي يا ڪنھن ڏي ھٿ وڌائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو