180 زائرين شڪارپور پهتا، ڪنهن ۾ به وائرس ناهي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو)ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور رحيم بخش ميتلو، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عقيل عباس سومرو ڪئي. ڊي سي چيو ته ڪورونا وائرس هڪ زڪام نما بيماري آهي جنهن کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته هن بيماريءَ جو واحد علاج احتياط آهي ۽ ميڊيا عوام ۾ سجاڳيءَ لاءِ سٺو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻاهران ايندڙ زائرين ۽ انهن جا رشتيدار فوري طور انتظاميه سان رابطي ۾ اچن ته جيئن انهن ڏانهن ميڊيڪل ٽيمون موڪلي سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 180 زائرين شڪارپور پهتا آهن جن مان 74 کان علاوه پنهنجو 14 ڏينهن جو ٽائيم گذاري چڪا آهن ۽ انهن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪابه نشاني ظاهر ناهي ٿي. جڏهن ته 74 ماڻهن جي 14 ڏينهن جو ڪيورنٽائين ٽائيم اڃان هلندڙ آهي. جڏهن ته 2 شڪي ڪيسن جي رپورٽ پڻ نيگيٽو آئي آهي ۽ شڪارپور ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جو ڪوبه مريض ناهي. جڏهن ته روزانو زائرين اچي رهيا آهن. هنن چيو ته جيڪي زائرين ٻاهران اچن پيا اهي 14 ڏينهن جو وقت هڪ ڪمري ۾ محدود ٿي گذارين. واپارين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ جو راشن هجڻ گهرجي هن ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر کي هدايت ڪئي ته گدامن ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ جي ڪڻڪ رکي وڃي ۽ ڪوبه واپاري اٽي جي قيمت نه وڌائي جيڪڏهن قيمت وڌائي وئي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ڊي سي شڪارپور چيو ته ضلعي اندر جلسن جلوسن، شادي هالن، هوٽلن ۽ مدرسن ۽ مسافرخانن کي بند ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام هڪ هنڌ گڏ  نه ٿئي. هن چيو ته ضلعي اندر 87 امام بارگاهن، 225 مدرسن ۽ 3 مسافرخانن کي اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي هدايتون ڏيندي چيو ته اڻ رجسٽرڊ اڏا بند ڪيا وڃن ۽ مسافر گاڏين ۾ سفر ڪندڙن کي ماسڪ پائڻ جي سختيءَ سان هدايت ڪئي وڃي. چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عقيل عباس سومرو چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائيءَ جو خاص خيال رکرائي رهيا آهيون ۽ مختلف وارڊن ۾ مليريا ۽ ڊينگيءَ کان بچڻ لاءِ ڦوهارو ڪرايو پيو وڃي. جڏهن ته ڪورونا وائرس بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ 15 هزار پمفليٽ ڇپرايا آهن ۽ شهر جي مختلف هنڌن تي پينافليڪس لڳرايا ويا آهن ۽ شهرين ۾ مفت ماسڪ تقسيم ڪرڻ لاءِ 40 هزار ماسڪ گهرايا ويا آهن، جڏهن ته شهر جي 5 هنڌن لکيدر، رستم موڙ، ڳڙهي ياسين چوڪ، گول مارڪيٽ ۽ هاٿيدر تي صفائي ڪيمپون لڳرايون وينديون جتي سينيٽائيزر سان ماڻهن جا هٿ صاف ڪرايا ويندا. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شبير شيخ چيو ته شڪارپور سول اسپتال ۾ 6 بيڊن تي مشتمل آئسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مدئجي، ڳڙهي ياسين، لکي، رستم، چڪ، سلطان ڪوٽ، خانپور ۽ ميان جي ڳوٺ ۾ ٻن بن وارڊن تي مشتمل آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن. اناج منڊيءَ جي صدر سميع الله شيخ، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر چيو ته شهر اندر چانور، داليون، گيهه ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جو هڪ مهيني کان وڌيڪ اسٽاڪ موجود آهي، يوٽيلٽي اسٽور مئنيجر ٻڌايو ته سندس 18 يوٽلٽي اسٽورن ۾ ڪافي اسٽاڪ موجود آهي. ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر ٻڌايو ته شڪارپور جي اسٽاڪ ٿيل ڪڻڪ ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ مهيني جو اسٽاڪ ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن کان گهرايو پيو وڃي. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي رضا انصاري ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، سوشل ويلفيئر آفيسرن، آر ٽي سيڪريٽري، لوڪل گورنمينٽ آفيسر، ميونسپل آفيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو