18 هين ترميم جو خاتمو وفاق تي حملو هوندو، زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري خبرادر ڪيو آهي ته 18 هين ترميم جو خاتمو  وفاق تي حملو هوندو. اهڙو اظهار هن 5 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. 5 جولاءِ 1977 تي ملڪ پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو سندس ئي مقرر ڪيل آرمي چيف ضياءَ الحق اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا هنيو هو. صدر زرداري وڌيڪ چيو آهي ته سڀني ادارن ۽ فردن جي آئيني ذميواري آهي ته پارليمان جو احترام ڪن ڇو ته هي هڪ اهم ادارو آهي. پيپلز پارٽي آچر تي 43 هين ياد ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندي پارٽي آفيسن تي ڪارا جهنڊا چاڙهڻ جو اعلان ڪيو هو. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪڍيا پيا وڃن. آصف علي زرداري جيڪو ڳچ وقت کان بيماري سبب ميڊيا ۽ سياسي سرگرمين کان پري آهي تنهن ڪجهه ڏينهن اڳ رياست کي خبردار ڪندي چيو هو ته بلوچستان ۾ هو محطاط رهن ۽ اڪبر بگٽي جهڙي قتل جو ڪو به واقعو ٿيو ته حالتون ڪنٽرول ۾ نه رهنديون. جنهن بعد هاڻي هي بيان جاري ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڌريون 18هين ترميم ختم ڪرڻ چاهين ٿيون پر هو ايئن ڪرڻ نه ڏيندو. هن چيو ته 18هين ترميم سان صوبن کي خودمختاري ملي آهي ۽ هي وفاق ۽ صوبن جو معاهدو آهي جنهن سان ڇيڙ ڇاڙ وفاق تي حملو هوندو. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ سياه ترين سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ ڏينهن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو