16 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف وفاقي حڪومت ۽ برطرف ملازمن جون نظرثاني واريون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون آهن.  وفاقي حڪومت سوڌو لاڳاپيل ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن.  عدالت فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بابت اٽارني جنرل جي استدعا رد ڪندي چيو ته پهرين ٻڌڻي تي رڳو انساني همدردي جي بُنيادن تي اسٽي آرڊر جاري نٿو ڪري سگهجي، 29 نومبر کانپوءِ اپيلز تي روزانو ٻڌڻي ڪئي ويندي.  ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلي سان 16 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن، روزانو ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، برطرف ملازمن جي جاءِ تي نيون ڀرتيون به نٿيون ڪري سگهجن، سرڪاري ادارن جو ڪار وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته حڪومت سرڪاري خزاني مان خيرات نٿي ڏئي سگهي. ھن چيو تھ پاڪستان 16 هزار نه، پر 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، اپيلن تي وڌيڪ ٻڌڻين دوران نيون شيون سامهون اچي سگهن ٿيون، عدالت ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت هڪ موقعي تي چيو ته حڪومت ملازمن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي جج مشير عالم رٽائرمينٽ واري ڏينهن  2 مهينا اڳ انهن ملازمن کي برطرف ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو