15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان جو بيدردي سان قتل ٿيل لاش هٿ

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ مارک ڀيو جو رهواسي نوجوان عبدالحميد شيخ جي اغوا واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار نادر علي کوسو جي نشاندهي تي غوثپور پوليس جي ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي پوليس نفري ساڻ ڪري جوابدار نادر علي کوسو جي ڏس تي بخشاپور واري علائقي شاهي واھ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ ڪري ورتو. گرفتار جوابدار نادر کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان عبدالحميد شيخ مٿان ٻن جوابدارن ڪرامت علي شاه ۽ حبدار علي شاهه ڪُهاڙين جا وار ڪري جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي. ھوڏانھن سنڌيار سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي ٻڌايو ته گهربل جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو