15وڌيڪ پائلٽس جا لائسنس معطل، تعداد 93 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان شهري هوا بازي جي کاتي پاران 15 وڌيڪ پائلٽس جي مشڪوڪ لائسنس هئڻ جي بنياد تي کين معطل ڪري ڇڏيو آهي. اڳم 78 پائلٽس جا لائسنس معطل ڪيا ويا هئا ۽ هاڻي انهن جو انگ وڌي 93 ٿي ويو آهي. پائلٽس جي لائسنس جي تصديق جو عمل جاري آهي ۽ جاچ دوران رڪارڊ اڻپورو هئڻ سبب 15 پائلٽن جا لائسنس معطل ڪيا ويا. ان کان اڳ ۾ 28 پائلٽن جا لائسنس رد ڪيا ويا هئا. حڪومت 262 پائلٽس جا لائسنس مشڪوڪ قرار ڏنا هئا جن مان 93 جا لائسنس معطل ۽ 28 جا رد ٿي چڪا آهن. ايوي ايشن ڊويزن جي ترجمان سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار کوکر ان جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته وڌيڪ تصديق جو عمل جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو