14 سالن کان سنڌو ديش وارن جي حڪومت آهي، خالد مقبول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ تي گذريل 14 سالن کان سنڌو ديش وارن جي حڪومت آهي، اسين پاڪستان کي بچائينداسين، ڪالهه شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد خطاب ڪندي هن چيو ته فاطمه جناح جهموريت خاطر سياسي ميدان ۾ آئي، جنهن کي قتل ڪيو ويو ، هن چيو ته گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ سنڌو ديش وارن جي حڪومت آهي، جن ملڪ کي هلائڻ واري شهر ڪراچي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، اسين ملڪ کي بانيان پاڪستان جي خواهش ۽ خوابن مطابق تعمير ڪنداسين. ان موقعي تي وسيم اختر ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو