14 آگسٽ ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

پاڪستان جي قيام لاءِ يقينن ملڪ جي سمورن صوبن جي عوام جانين جون عظيم قربانيون ڏيئي هيءُ ملڪ آزاد ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مخلصانه ۽ قائدانه صلاحتين جو چرچو هرجاءِ تي ٿيڻ لڳو ۽ اها ڳالهه به واضع ۽ چٽي آهي ته هن ملڪ پاڪستان ۾ قائد اعظم جهڙي ڪا به سياسي قد بت واري عظيم شخصيت نه هئي جنهن سامهون بيٺل انگريز سامراج کي للڪاريندي وڏي واڪي اهو اعلان ڪيو هجي ته هن ملڪ پاڪستان کي هر صورت ۾ آزادي گهرجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به گوري جي غلامي اسان کي قبول ناهي. اسان پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي آزاديءَ سان رهڻ پسند ڪيون ٿا. جنهن لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح تاريخ جو هڪ اڻ مٽ تسلسل بڻجي هڪ ئي وقت انگريز سامراج ۽ تعصب پرست ۽ ڪٽر ماڻهن کان آزادي ورتي پر انهيءَ آزاديءَ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي وڪالت ذريعي پنهنجي ملڪ جو ڪيس لڙهڻ سميت هر محاذ تي ملڪ جي دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط سياسي گرائونڊ تيار ڪرڻ لاءِ به هڪ پليٽ فارم جوڙيو هيو. جنهن ۾ انهيءَ ملڪ جي نوجوانن، شاگردن، استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن،هارين، مزدورن، پورهيتن سان گڏ ئي عورتن جي هڪ وڏي تعداد پڻ تيار ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي ملڪ پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجو حصو وجهندي پنهنجي پنهنجي انفرادي  سياسي پارٽين بجاءِ هڪ پليٽ فارم ذريعي پاڪستان جي وجود لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. اها ڳالهه واضع آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ جماعت اهلسنت بريلويءَ مسلڪ ( الصلوات و السلام عليڪ ياسيدي يارسول الله ) درود و سلام پڙهڻ وارن ۽ لبيڪ يارسول الله پڪارڻ وارن جون ڏنل عظيم قربانيون بيمثال آهن جن ۾ تحريڪ پاڪستان جي عظيم علماءِ ڪرام ۾ حجت الاسلام مولانا شاهه محمد حامد رضا خان بريلوي، مفتي اعظم مولانا شاهه محمد مصطفيٰ رضا خان بريلوي، صدرالافضل مفتي سيد نعيم الدين مراد آبادي، شيخ الاسلام پير خواجه قمر الدين سيالوي، مولانا پير امين الحسنات مانڪي شريف، مولانا پير عبداللطيف زڪوٽي شريف، مولانا ابوالحسنات سيد محمد احمد الوريٰ، مولانا مفتي شائسته گل مردان، مولانا محمد شريف ڪوٽلي، مولانا ظهور الحسن درس، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي، مولانا احمد مختار صديقي، مفسر اعظم مولانا محمد ابراهيم خان بريلوي، مولانا تقدس علي خان، مولانا حسنين رضا خان بريلوي، مولانا پير سلطان محمد حسن سجاده نشين حضرت حق باهو، مولانا عبدالمصطفيٰ الازهري، مولانا مفتي ظفر علي نعماني، محدث اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد، مولانا سيد عبدالرشيد ( خليفه امام احمد رضا)، مولانا سيد محمود احمد رضوي، غزالي زمان مولانا سيد احمد سعيد ڪاظمي،مولانا حامد علي خان،  مولانا پير محمد اسحاق جان سرهندي، پير محمد حسن جان سرهندي، مولانا پير صدرالدين سجاده نشين ملتان، مولانا قاري محمد مصلح الدين صديقي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن جن تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور مجاهدانه ڪردار ادا ڪيو جن جي نالن جي هڪ وڏي فهرست ڪتاب“ تاريخ آل انڊيا سني ڪانفرنس” 1935ع کان 1945ع از مولانا جلال الدين قادري ملي سگهي ٿي، اهڙي طرح ئي جماعت اهلسنت بريلوي جي هڪ وسيع تر تنظيم دعوت اسلامي جا باني اميراهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس “ عطار” قادري رضوي دامت برڪاتهم العاليه ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي باني سربراهه مجاهد ملت حضرت علامه مولانا شاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله تعاليٰ عليه سميت جماعت اهلسنت جي قربانين ۾ پير جو ڳوٺ جي سورهيه بادشاهه جي خاندان ۽ ڀرچونڊي شريف جي بزرگن جي ڪيل خدمتن جو ذڪر خير هميشه سرفهرست آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ درگاهون خانقاهون پاڪستان جي خير خواهي ترقي خوشحالي سلامتي جي لاءِ دعائون گهرندا رهن ٿا. جڏهن ته يارسول الله جي نعري لڳائڻ وارا هن ملڪ جي ٺاهڻ ۾ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن جي بزرگن جي خون سان هيءُ ملڪ وجود ۾ آيو آهي. جڏهن ته 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهريان سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پاڪستان منظور ڪرائڻ وارو شخص سائين جي ايم سيد هيو ۽ انهي سان ٻيا ٻانهن ٻيلي بڻيل رفيق ساٿي شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبدالله حسين هارون، پير حسام الدين راشدي سميت ٻيا شامل رهيا جن جون ملڪ لاءِ ڪيل خدمتون ڪيئن وساري سگهجن ٿيون. انهن سنڌ جي سياسي بصيرت رکندڙ عظيم ماڻهن جي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح سان دوستاڻا محبت ڀريا ناتا ۽ وابستگي انهن ملڪ جي لاءِ ڪيل سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن جي مسلمانن سان گڏجي ملڪ جي قيام لاءِ ڪوششون هڪ وڏي باب جي حيثيت رکن ٿيون.قائد اعظم محمد علي جناح اهو سياسي مدبر شخص هيو جنهن سنڌ جي مسلمانن جي متحد ۽ منظم هجڻ واري بهتر فيصلي کي پنهنجي ملڪ جي آزادي واري خواب کي تعبير ڪرائڻ لاءِ ٻڌي ۽ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مسلمانن سان گڏجي ڪري سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا به دورا ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح اهو بي مثال خواب تعبير بڻيو ۽ انهيءَ پاڪستان جي قيام ۾ ملڪ جي ٽنهي صوبن کان وڌيڪ جيڪي سنڌ صوبي جي مسلمانن بي مثال قربانيون ڏنيون اها هڪ وڏي اٽل کليل حقيقت ۽ کرو سچ ۽ تاريخ جو تسلسل آهي جنهن کي هميشه فراموش ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي پر تاريخ جا ورق ڪڏهن به پنهنجي اصل حقيقت کي وساري نٿا سگهن ۽ ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪي ڪي تاريخ جا اهي فيصلا ٿيندا آهن جنهن کي وساري نٿو سگهجي اها سنڌ جي ماڻهن به هڪ کليل ۽ واضع تاريخ رکي آهي جنهن ۾ سنڌ جي سنڌي مسلمانن به پنهنجي ملڪ پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ اهي قربانيون ڏنيون جو جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائيندڙ تاريخ پڙهندا ته انهن جا مثال وڌيڪ واضع ۽ بيمثال طور پوري دنيا ۾ ياد ڪيا ويندا. جنهن ۾ هندستان جي ماڻهن جيڪي اتان هتي آيا هيا سي ڪهڙي حالت ۾ هتي آيا هيا اها قيام پاڪستان جي انهيءَ وقت جي ماڻهن جون تصويرون سڀني جي اڳيان آهن. هندستان جي يوپي ۽ سي پي جي ماڻهن کي ڪنهن به ملڪ ٺهڻ وقت پناهه نه ڏني ۽ چيو ويو ته پاڪستان آگي هي ( پاڪستان اڳتي آهي) ۽ اهڙي طرح ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ انهن هندستاني مهاجرن کي اچي آباد ڪرايو ويو ۽ سنڌ جي سنڌي ماڻهن نه صرف پنهنجا گهر کولي ڇڏيا پر دليون کولي ڇڏيون ۽ انهن هندستاني ڀائرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ويون انهن جي حالت رحم جوڳي هجڻ سان گڏ انهن جي حالت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي.اهي جن جن سوارين تي آيا هيا اهي سواريون ٻڌائين ٿيون ته اهي ڪيترا امير ۽ خّوشحال هيا،  انهن کي جياپو ڏيارڻ لاءِ  سنڌ جي ماڻهن مان جن کي 5 گهر هيا ته ٻه يا ٽي گهر انهن کي ڏنا ويا جن کي ٻه گهر هيا ته هڪ هڪ گهر انهن کي ڏنو ويو ۽ اهڙي طرح هرهڪ هندستانيءَ جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏ انهن جي جائداد زمينن سميت ڪاروبار ڌنڌي يعني هر معاملي ۾ هندستان کان آيل ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ سپورٽ مدد ڪئي وئي. جڏهن انهي قرباني واري جذبي ۾ ٻين ٽن صوبن جي ماڻهن ڪا به قرباني ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاريندي پاڪستان آگي هي جي فارمولي تي عمل ڪيو ويو.وڏي افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ايثار جي جذبي تحت هندستان جي لٽيل ڦريل بي يارو مددگار ٽرينن،گڏهه گاڏن، اٺ گاڏين، ڏاند گاڏين ۽ سائيڪلن تي  سوار نه لٽو نه ڪپڙو پورو پاتل هيو جن کي اهي هاڻي سنڌ جي اصل وارثن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ئي صوبي مان بي دخل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري نوان نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري ، ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي نه اچڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، انهن تي پٽيشنون داخل ڪرڻ، اهي ڳالهيون ڪرڻ ته سنڌ متروڪه آهي، سنڌي ۾ خط ليٽر تي ايڊريس لکڻ منع ڪرڻ سميت سنڌي ماڻهو پنهنجن جائز حقن ، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي احتجاج ڪرڻ نه اچن، 40 لک غير سنڌي پرڏيهي ماڻهن جا قومي شناختي ڪارڊ ظاهر ٿيڻ، سنڌ جي اصل ماڻهن جي زخمن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪرڻ آهي.چوندا آهن ته  آئي ڏنڊو کڻڻ بورچاڻي بڻجڻ جي ڳالهه ڪري وئي. انهن هندستاني ڀائرن سان الائي ته ڪهڙو مسئلو درپيش آهي جو انهن کي بار بار انهيءَ پناهه ڏيندڙ ماءُ جي جهولي جهڙي حيثيت رکندڙ ڌرتي سنڌ کي ٽڪراءَ ڪرڻ نوان صوبا ٺاهڻ جا دورا پوندا رهندا  آهن. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو طريقه ڪار ناهي ته اتي ڪو ڪمائيندڙ اچي ۽ پوءِ اتي پنهنجي صوبي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ۽ انهيءَ ملڪ انهي صوبي وارن جي مٿان ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري پر هتي مسلسل مسلمان ڀائر اسانجي مهمان نوازي ۽ ڀائپي کي ڪمزوري سمجهندي اسان مٿان نادر شاهي حڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا نه صرف نامناسب ڳالهه آهي پر اها سراسر سنڌ جي لکين ڪروڙين عوام سان بدديانيتي وارو ڊرامو ۽ کيل کيڏيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن مطابق جيڪڏهن ڪنهن به مهاجر کي يوپي يا سي پي وڃڻو آهي ته وڏي شوق ۽ خوشيءَ سان وڃي سگهي ٿو اسان انهن کي نه جهلينداسين باقي جيڪو هتان انهن ڪمايو ۽ کاڌو آهي اهو انهن کي معاف آهي.پاڪستان نئون هجي يا پراڻو هرهڪ صوبي جي ماڻهن کي پوري ملڪ ۾ اجازت رهڻ جي آهي ته هيءُ هندستاني ڀائر به ٻين صوبن ۾ وڃي نوان هڪ نه پر ٻه ٽي وڌيڪ ٻيا ڪيترا صوبا ٺاهن اسان سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به اعتراض ڪونهي.سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ پاڪستان ۽ ڌرتيءَ جي هرهڪ انسان سان محبت ڪن ٿا جيڪي شرارتي چهرا ۽ تعصب پرست ٽولا ۽ لساني تنظيمون آهن انهن کي نئون ٿيندڙ وزير عمران خان به ايڏو مٿي نه آڻي جو انهن سان اتحاد ڪري وري انهن کي جيئاريو وڃي. معاهده ڪهڙا به ڪيا وڃن پر پنهنجي سنڌ هڪ آهي هڪ رهندي ۽ پوري دنيا کي خبر آهي ته سنڌ جا اصل وارث پنهنجي وطن سان بي انتها محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي وطن ڏانهن ميري اک ڪرڻ وارن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. هن ملڪ پاڪستان جي قيام ۾ لکين سنڌ جي مسلمانن جو خون شامل آهي اهو انهن عظيم انسانن انهيءَ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا نه ڏنا ته هتي  تعصب پرست ماڻهو پاڪستان جي دل ڪراچيءَ کي خون آلود ڪندا رهن.سازشي عناصر ڪهڙي به جاءِ تي هجن انهن کي ظاهر ۽ پڌرو ڪري ننگو ڪيو وڃي جهڙي طرح لنڊن جي دهشتگرد کي وائکو ڪري 23 ڪروڙ پاڪستان جي مسلمانن سميت پوري دنيا ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ جي راڪاس بڻيل روايت کي ٻنجو ڏنو ويو آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ملڪ پاڪستان آهي ته اسان به آهيون ۽ جيڪڏهن پاڪستان ناهي ته پوءِ عراق، شام، فلسطين، لبنان، بيروت سميت ٻين ڏتڙيل ملڪن جي حالت سڀني سامهون آهي تنهن ڪري اسان پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجهون ٿا ۽ جيڪو به پنهنجي وطن ڏانهن ميري اک ڪري ٿو اهو يقينن اسان جي وجود کي ميسارڻ جو خواب ڏسندڙ آهي. اسان سڀني جي سلامتي انهي ۾ آهي ته اسان پنهنجي صفن ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي قائم رکون ۽ ملڪ لاءِ لکين ماڻهن جي جانين جي قربانين جو خيال ڪندي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل رستي ۽ پيغام مطابق ڪم، ڪم ، ڪم ۽ ڪم يعني ملڪ جي خدمت استحڪام، مضبوطي، خوشحالي، ترقي لاءِ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪندي هڪ ترقي يافته ملڪن ۾ پنهنجو ملڪ شامل ڪرائڻ لاءِ اسان کي محبتون قائم ڪرڻيون آهن ۽ انهيءَ فارمولي تي عمل پيرا ٿيڻو آهي ته اسان ڪنهن کي ڇيڙيون نٿا جيڪڏهن اسان کي هروڀرو ڪو ڇيڙيندو ته پوءِ اسان به پنهنجي دفاع ۾ هڪ هندستان ته ڇا پر اهڙا الائي ڪيترا ملڪ هجن اهي پنهنجي موت پاڻ مري کپي ويندا ڇاڪاڻ ته اسان وٽ جيڪي جوان ملڪ جي دفاع لاءِ محاذن تي بيٺل آهن اهي سگهاري قوت ۽ سگهه رکندڙ جوان جذبي سان سرشار آهن انهن جو ميدان ملهائڻ وارو جذبو به هڪ يادگار جذبو آهي ڇاڪاڻ ته ميدان ۾ وڃڻ وقت غازي بڻجي وڃن ٿا ۽ موٽ ۾ واپس اچن ٿا ته شهيد جي اعليٰ ترين رتبي تي فائز بڻجي وڃن ٿا اهڙو ڪنهن به ملڪ يا ملت وٽ جذبو ۽ سگهاري قوت ناهي جهڙي پنهنجي ملڪ پاڪستان وٽ آهي. پاڪستان هڪ اهڙو گل آهي جيڪو چئن صوبن جي روپ ۾ نمايان آهي جنهن جي هرگل ۽ شاخ ۾ پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ سمايل آهي سنڌ جي گل جو پنهنجو رنگ، روپ ۽ رونق آهي ته وري بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي.ملڪ جي ماڻهن ۾ محبت، ڀائيچاري، اخوت جي لاءِ اسان مان هرهڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ انشاءَ الله هيءُ ملڪ ترقيءَ جي راهه ته اڃان وڌيڪ هڪ ڏينهن ضرور گامزن ٿيندو ۽ پوري دنيا ڏسندي ته پاڪستان جا چار ئي ڀائر پاڻ پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان محبتن جو مرڪز آهي ۽ اهڙي سرهاڻ ۽ خوشبوءِ جو واس آهي جنهن کي ايمان وارو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، نفرتن ۽ ڪروڌ ڪاوڙ کي پري ڦٽو ڪندي محبتن جي گلزار ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هيءُ ملڪ سڀني لاءِ الله جي نعمت عظمه آهي، جيڪي ملڪ جي گل و گلزار جا ويري آهن لسانيت جي پرچار ڪندي نفرتن جي تبليغ ڪن ٿا اهي ڪهڙي به قوم سان هجن اهي ناسور مثل آهن. ملڪ پاڪستان ۾ الله پاڪ جي هرهڪ نعمت موجود آهي اها ٻئي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ ڪرپٽ ، مافيائون، لوٽمارڪندڙ ٽولا ۽ گروهه هن ملڪ کي اصل کان هن وقت تائين کوکلو ڪندي کائي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿائون پر ملڪ خدا جي عطا سان ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهي ٿو. لنڊن جا لنڊا بازاري مسخرا روز روز سنڌ پاڪستان خلاف سازشون ڪندي ٿڪجن نٿا پر الله جي ڪرم سان هن ملڪ جي حفاظت انهيءَ ولين اولياءَ الله ڪاملين جو صدقو آهي جيڪي ڏينهن رات عبادت الاهيءَ ۾ مستغرق ۽ مصروف عمل آهن. انهن قومن کان پڇا ڪئي وڃي جيڪي غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ غلامي وڏي ۾ وڏي گار ٻين جي محتاجي آهي، آزاد قومون پنهنجي ڌرتيءَ تي آزاد انداز ۾ رهي گهمي ڦري سگهن ٿيون ۽ آزادي جو قدر سڀ کان وڌيڪ غلام قومون صحيح انداز ۾ ڪري ۽ ٻڌائي سگهن ٿيون. اڪثر غريب وچولي طبقي جي ماڻهن جو ائين به چوڻ آهي ته 1947ع کانپوءِ آزادي صرف وڏيرن، نوابن، چوڌرن، رئيسن، ڀوتارن، سردارن، سرمائيدارن، منافع خورن، مافيائون وارن عناصرن کي ملي باقي جيڪو عوام انتهائي قرب واري صورتحال مان گذرندو رهي ٿو ۽ هو روز بروز مسئلن جا انبار ۾ ڦٽو ڪري تڪليفن ۾ آندو وڃي ٿو انهيءَ جو ازالو به ٿيڻ گهرجي، هتي اڃان به جيڪڏهن جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس وارو معاملو جاري رهيو ته سراسر عوام سان ناجائزي هوندي. ملڪ پاڪستان ۾ سڀني صوبن جي عوام کي هڪ جهڙائيءَ واريون عوامي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، خودمختياري، حق حاڪميت، برابري ۽ سراسريءَ سان تمام صوبن جي عوام کي حق ڏنا وڃن ته ڪو به ڪنهن کان گلا شڪوه، ڪروڌ، ڪاوڙ نه ڪندو ۽ هيءُ ملڪ پاڪستان هڪ سهڻي خوبصورت گلدستي جو ڏيک ڏيڻ لڳندو، هرهڪ ذي الشعور سمجهي ٿو ته هن ملڪ کي اڏوهيءَ جيان گذريل 74 سالن کان ڪهڙي ڪلاس ۽ طبقي ٻنهي هٿن سان لٽيو ڦريو آهي ۽ انهن سياست تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي موروثي ملڪيت جيان جيڪا هلان ڪندي پاڻ امير ترين بادشاهن ۽ شهنشاهن واري طرز زندگي بسر ڪندي عام عوام کي ڪنگال ڪندي ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هتي تبديليءَ جي نالي ۾ به گهڻو ڪجهه سيکاريو ويو آهي ۽ هاڻي عوام کي تبديليءَ جي نالي کان شديد ترين نفرت اچڻ لڳي آهي،   پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي جنهن ۾ خدا تعاليٰ جون هر نعمتون موجود آهن. هن ملڪ ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جو خاتمو اچڻ تمام ضروري ۽ لازمي آهي.جيڪي هن ملڪ کي کوکلو ڪري آڏوهي جيان کاهي رهيا آهن. اهڙن ناسور ورتل ڪرپٽ ڪميشن مافيائون جو خاتمو ملڪ جي ترقي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تمام ضروري آهي. ملڪ جي لوٽمار ڪندڙ ٽولا گروهه ۽ مافيائون جيستائين هن ملڪ ۾ آهن اوسيتائين ملڪ ترقيءَ جي راهن لاءِ سکي رهندو ۽ انهن چند ڪرپٽ مافيائون جي ڪري ملڪ جو مورال نانءُ بدنام ٿيندو رهي ٿو، خدا تعاليٰ هن ملڪ جي هر طرح جي حفاظت فرماءِ ۽ بيروني ۽ اندروني خطرات کان محفوظ رکي آمين. هيءُ ملڪ الله پاڪ طرفان هڪ تحفو آهي هن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسان جي نوجوانن کي خوب محنت جستجو، ڪوشش ۽ لگن سان تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي جيئن اسانجو ايندڙ نسل مستقبل جا معمار هن ملڪ ۾ پنهنجو آئندو بهتر ڏسي سگهن ۽ انهيءَ لاءِ نفرتن جي باهه کي وسائي محبتن جو هڪ نئون شهر اڏيون جنهن ۾ سڀ جو سڀ خوشيون ماڻي سگهون.    

پهنجو تبصرو موڪليو