14 سال جي ٻار کي جن ڪڍڻ لاءِ جعلي پير اڌ مئوڪري ڇڏيو

ورڪشاپ (ن س) روهڙي جي جعلي پير ڏنل شاهه جن ڪڍڻ لاءِ سانگهڙ جي شهر واڊڪي م 14 سالن جي سجاد علي پٽ محمد نواز شر کي ڪٽڪو ڏئي سخٽ زخمي ڪري وڌو. معصوم رڙيون ڪندو رهيو پر بي رحم پير کي ڪو به رحم نه آيو. مائٽن جو چوڻ آ ته اسان فيڻو رکرائڻ لا۽ شاھ کي گھرايو پر شاھ چيو ته ڇوڪري کي جن آهي. پير، سجاد کي لڪڙن سان ڪٽيو کيس زخمي ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏيو. نوجوان جي ڀاءَ اياز ٻڌايو ته سجاد کي ڊاڪٽرن ڏانهن کڻي وياسين، ڊاڪٽرن چيو ته ڇوڪرو نفسياتي مريض آهي. ياد رھي ته ڪجھ وقت کان شاھ واڊڪي جي آس پاس ۾ ڪيترن ئي معصوم اڻ پڙهيلن جا جن ڪڍڻ بهاني ماڻهن کي ماري ماري اڌ مئو ڪندو رهندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو