14 آگسٽ جشن آزادي، ڇا عوام کي آزادي ملي آهي؟

تحرير: محمد فاروق ٻرڙو قادري

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جوش جذبي ۽ محرم الحرام جي مھيني جي ڪري سنڌ صوبي جي اندر ادب ۽ احترام سان جشن آزادي ملھايو پيو وڃي، ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينار، مذاڪرات، ريليون، تقريبون احترام سان ڪوٺايون پيون وڃن، جڏهن ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ خاص طور تي تقريبون ٿي رهيون آهن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ھن ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام ڪرايا پيا وڃن، يقيني طور تي ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملڪ پاڪستان ۾ رھندڙ ھر فرد لاءِ خوشيءَ جو سبب ھجڻ گھرجي ۽ ان ڪري ئي ان ڏينھن کي جشن طور ملھايو ويندو آهي ۽ آزادي جي جشن جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ھاڻي جڏھن اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان 73 سالن جو ٿي چڪو آهي تڏهن اسان جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي روين ۾ سنجيدگي جو لقاءُ نظر اچڻ لازمي عنصر آهي، ماضيءَ جي مختلف تجربن سٺن ۽ غلط فيصلن، غلطين ۽ ڪاميابين تي غور ڪري اسين پنهنجي مستقبل کي بھتر ڪري سگھون ٿا، ملڪ پاڪستان جڏهن وجود ۾ آيو هو، تڏهن ملڪ جي باني قائداعظم محمدعلي جناح نئين جڙندڙ ملڪ لاءِ جيڪا ھدايت ڪئي ھئي ان تي اسين پوريءَ ريت 72 /73 سال گذرڻ کانپوءِ به عمل نه ڪري سگھيا آهيون، قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي 11ھين آگسٽ واري خطاب ۾ واضح طور تي چيو ھو ته ھاڻي جڏھن پاڪستان ٺھي چڪو آهي تڏهن ھاڻي ھن بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذھب جي فرق جي سڀ ھن ملڪ جا شھري آهن ۽ سڀني کي ھڪ جيترا حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ان تقرير ۾ خاص طور تي اقليتن کي برابري وارا حق ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي ھئي، پر بدقسمتي سان قائداعظم جي انھن ھدايتن تي اسين پوريءَ ريت عمل ڪري نه سگھيا آھيون، اھو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ مذهبي اقليتون نه رڳو عدم تحفظ جو شڪار آهن پر انھن کي حقيقي معني ۾ برابري وارا حق به حاصل نه ٿي سگھيا آهن، تنھن ڪري ھن جشن آزادي تي اھو پڪو پھ ڪرڻ گھرجي ھا ته ملڪ جي مذهبي اقليتن جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا، ڳالھين ۽ واعدن کان اڳيان وڌندي عملي طور تي ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻو پوندو، قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي شروعاتي خظابن ۾ قوم کي اھو به پيغام ڏنو ھو ته قوم کي ھاڻي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته پوري ملڪ جو سماج گروھن ۾ ورھايل نظر اچي ٿو، ھر ڌر جو پنھنجو الڳ گروھ ٺاھيو ويٺي آهي، جيڪو ٻئي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، اھا صورت حال جتي سياست ۾ آهي، اتي سماجي حوالي سان به اسان جا رويا ان قسم جا ئي آهن، نه رڳو اھو پر اھڙي ريت گروھن ۾ ورھايل ھجڻ جي ڪري اسان ۾ اڻ سھپ به موجود آهي، جنھن ڪري قوم جي گڏيل طاقت ۽ ٻڌيءَ واري سگھ ائين ڇڙوڇڙ واري حالت ۾ ھڪ ھنڌ گڏ نه ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي فردي ۽ گروھي مفادن کان مٿانهون ٿي ھڪ ملڪ ۽ ھڪ قوم وانگر سوچڻو آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن ۾ رهندڙ ايڪائين سان ھڪ جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، وسيلن جي ورڇ ۾ ڪنهن به ريت اڻ برابري نه ڪئي وڃي، طاقت ۽ اقتدار جي ورڇ ۾ به توازن قائم ڪيو وڃي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انھن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، تڏهن ئي ملڪ جو ھر فرد پاڻ کي بااختيار، باعزت ۽ طاقتور سمجهندو ۽ ان جي نتيجي ۾ قومي ٻڌيءَ جا بنياد وجھڻ ممڪن ٿي سگھندو، ان سلسلي ۾ سڀ کان اھم ۽ بنيادي ڪردار سياسي ڌرين جو ھوندو آھي، جيڪي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي پاليسين ۾ اھڙو توازن پيدا ڪري سگھن ٿيون، جنهن سان سڀ فرد پاڻ کي ھڪ جيترو بااختيار سمجھڻ لڳن ۽ ان جي نتيجي ۾ سڀئي گڏجي قومي ترقيءَ جي عمل ۾ پنھنجو حصّو ۽ ڪردار شامل ڪري سگھن، قائداعظم محمدعلي جناح قوم جي ترقي ۽ اوسر ۾ نظم و ضبط تي تمام گهڻو زور ڏنو ھو پر بدقسمتي سان اسان پنھنجن سماجي روين ۾ اڄ تائين منظم ٿي نه سگھيا آهيون، وقت جو قدر ڪرڻ ۽ ھر ڪم مقرر وقت تي ڪرڻ سماجي طور تي عيب سمجهيو وڃي ٿو، ڪا به تقريب ۽ ڪو پروگرام پنھنجي مقرر وقت تي شروع نه ٿو ڪيو وڃي، ٽرانسپورٽ پنهنجي مقرر وقت تي نه ته منزل ڏانهن رواني ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري منزل تي وقت تي پھچي ٿي، سرڪاري دفترن ۾ آفيسر توڙي ھيٺيون عملو مقرر وقت تي ڊيوٽي تي اچڻ پنهنجي توھين سمجهي ٿو، ڪنهن به ڪم ڪار سانگي ڪنھن دفتر يا ڪنهن ٻي جاءِ تي قطار ٺاهڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو ۽ ھر ماڻھو ٻئي کي ٺونٺ هڻي اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رھي ٿو، جائز طريقي سان ڪم ڪار ڪرائڻ بدران ھر ماڻھو رشوت توڙي سفارش جو شارٽ ڪٽ ڳولي سماجي قدرن کي زخمي ڪندو رهي ٿو، ان سموري صورتحال ۾ اسين ھڪ ڇڙوڇڙ قوم واري حالت ۾ آھيون، جنهن کي منظم ٿيڻ کان سواءِ سڌريل ملڪن جي قطار ۾ آڻي نه ٿو بيھاري سگهجي، قائداعظم جي اھا سوچ ھئي ته ھن ملڪ جو ھر فرد جڏهن به ڪو ڪم پنھنجي ذميواري تي کڻي ته ان کي اھو ڪم پورو ڪرڻ جي حوالي سان پاڻ تي پڪو ويساھ ھجڻ گھرجي، پر ھتي ان حوالي سان به صورت حال بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ فرد ذميواريون ته کڻن ٿا پر انهن کي پورو ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، اھڙي ريت سياسي پارٽيون چونڊن دوران چونڊ منشور جي شڪل ۾ واعدا ته ڪن ٿيون پر انھن واعدن کي نڀائڻ جو وقت اچي ٿو ته اھي ھٻڪ جو مظاهرو ڪن ٿيون، تنھن ڪري مجموعي طور تي پوري قوم ۾ ويساھ بحال ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جو پڪو پھ ڪرڻ تمام ضروري ھجي ٿو، اسين سمجھون ٿا ته جشن آزاديءَ جي موقعي تي خوشيون ملهائڻ سان گڏوگڏ ان ڳالھ تي به غور ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي باني ھي ملڪ ٺاهڻ وقت جيڪا سوچ ۽ ارادو رکيو ھو، ان تي اسين ڪيترو عمل ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن عمل جي شعبي ۾ اسين گھربل معيار تي پورا لھي رھيا آھيون ته ڪھڙيءَ ريت اڄ کان ان جي شروعات ڪري پاڻ ۾ نمايان تبديلي آڻي گڏيل قومي تشخص لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا.            farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو