13 ڊسمبر پي ڊي ايم جو جلسو ۽ حڪومتي حربا

تحرير عبدالمجيد بروهي

اپوزيشن پاران 13 ڊمبر واري جلسي لاء تياريون مڪلم ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف ڏينهن رات لاهور جي چوراهن ۾ ريليون ڪڍي ڪارنر جلسا ڪري لاهورين کي جوش ڏياري رهي آهي لاهورين پاران سندس ريلين ۾ ڀرپور نمنوي شرڪت ڪرڻ کان پوء هن وقت حڪومت جي ننڊ ڦٽل آهي هوڏانهن پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ لاهور پهچي چڪو آهي ان کان علاوه جاتي عمرا پهچي مريم نواز سندس ڏاڏي جي فوتگي بعد عذرخواهي پڻ ڪئي بلاول ڀٽو پاران پاڪستان م رهندڙ تمام جيالن کي حڪم پڻ ڪيو ويو آهي ته اهي لاهور جي جلسي ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪن ۽ تمام رڪاوٽون ٽوڙي هر حال ۾ لاهور پهچن لاهور واسين پڻ 90 فيصد لاهوري هن جلسي ۾ شرڪت ڪري سگھن ٿا هر طرف جوش وارو ماحول نظر اچي رهيو آهي اپوزيشن پاران پوليس جي لاٺي چارج جو جواب ڏيڻ لاء ڏنڊا بردار پڻ تيار ڪيا ويا آهن جي يو آء جي سربراهه پڻ پنهنجي چاهيندڙن کي ڏنڊن سميت جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي هوڏانهن پ پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائرا پڻ جيالن کي چيو آهي ته هر جيالي جي هٿ ۾ پارٽي جو پرچم هجي ۽ ان پرچم ۾ ڏنڊو به ٿلهو هجي ڇو ته هاڻي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جو وقت اچي چڪو آهي هوڏانهن وفاقي حڪومت توڙي پنجاب حڪومت پاران جلسي کي ناڪام ڪرڻ جي لاء گرفتارين جي عمل کي تيز ڪيو ويو آهي ايف اء اي اينٽي ڪرپشن پوليس ۽ ۽ ٻين فورسز جي مدد سان مسلم ليگ ن پ پ پ  جي يو آء جي مقامي اڳواڻن ۽ ايم پي ايز جي گھر تي ڇاپا هڻي زبردستي انهن جي گھرن ۾ گھڙي عورتن سان بدتميزي پڻ ڪئي پئي وڃي پر تنهن باوجود اهي جيالن سميت ن ليگ ۽ جي يو آء جي ڪارڪنن کي هيسائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻيل آهن هوڏانهن پنجاب پوليس مشهور سائونڊ سسٽم هلائيندڙ ڊي جي بٽ هي اهو ڊي جي بٽ آهي جنهن عمران خان جي ڌرڻي ۾ 4 مهينن تائين هن جو ساٿ ڏيندو رهيو ان ڊي جي بٽ جي گھر ۾ گڙي کيس گرفتار ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ زمانت تي رها ڪيو ويو ان وقت ڊي جي بٽ جذباتي انداز ۾ چيو ته مان اڄ به پي ٽي آء جو ٽائيگر آهيان پر جنهن نموني اڄ منهنجي گھر ۾ گهڙي منهنجي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري مون کي گارگند ڪري مون کان منهنجي ڀينرن جي نالن جي باري ۾ پڇا ڪندا رهيا هي ڪٿان جو قانون آهي ٻين جا سائونڊ سسٽم هلن اگر مان هلايان ٿو ته اهو ڏوهه آهي پوري پاڪستان ۾ سائونڊ سسٽم بند ڪرايا وڃن پوء مون کي بند ڪرايا وڃن هوڏانهن پنجاب پوليس جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاء ٽي پلان جوڙي ورتا آهن پهرين پلان ۾ جيڪي جلسا ٻاهرين شهرن مان ايندا انهن کي لاهور جي ٻاهران روڪيو ويندو ان بعد جلسي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڪنٽينر هنيا ويندا ٽئين پلان ۾ لاهور جي اهم اڳواڻڻ کي گرفتار پڻ ڪيو ويندو جڏنهن ته مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ پاڻي پڻ ڇڏڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي .هوڏانهن حڪومتي وزير ۽ مشير ٽي وي چئنلز تي اچي اهو چوندا رهن ٿا ته اسين لاهور جلسي کي نه روڪينداسين پر پنجاب پوليس جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪاري آهي ۽ پنجاب پوليس جلسي گاهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري رهي آهي لاهور جي ٻاهران شهر ڏانهن ايندڙ رستا بند ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي هي سڀ ڪوڙ هڻي رهيا آهن وزير اعظم سميت سڀ وزير ڪوڙ هڻي رهيا آهن اهي جلسي کي نه روڪيندا پر مريم نواز جي ريلين مان ئي سندن ننڊ ڦٽي وئي آهي هاڻي هو يوٽرن وٺي جلسي کي ناڪام ڪرڻ جي لاء رستا سيل ڪري رهيا آهن اپوزيشن پاران سندن جي هر پلان تي نظر وجھي پوء اڳتي وڌڻ جو پلان جوڙيو پيو وڃي اپوزيشن پاران تمام سياسي پارٽين جا سربراهه پنهنجي پارٽي جي هزارين ڪارڪنن سميت الڳ الڳ ريلين جي صورت ۾ مينارپاڪستان پهچندا جڏنهن ته ڪرينن جو بندوبست پڻ ڪيو پيو وڃي جن جي ذريعي رستن تي رکيل ڪنٽينر هٽايا ويندا پاڪستان جي سياست جو رخ هن وقت مزاحمت طرف وڃي رهيو آهي ان جو ذميدار به عمران خان آهي جيڪو پاڻ ته سوين ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ جلسا ڌرڻا هڻي اپوزيشن سميت حڪومت کا گارگند ڪندو رهيو حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪندو رهيو حڪومتي آفيسرن مٿان تشدد ڪرائيندو رهيو ان وقت کيس پارليامينٽ ياد نه آيو هيو اڄ کيس قانون ۽ پارليامينٽ ياد نه هيا ان وقت جڏنهن هو سول نافرماني جو اعلان ڪندي پاڪستان جي عوام  کي چوندو رهيو بجلي گئس پاڻي جا بل نه ڀريو ڇا اهو قانون جي مطابق هيو ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي هيڊ افيسز تي حملا ڪرڻ توڙ ڦوڙ ڪرڻ ڇا قانون مطابق هيو اڄ هو ڪهڙي قانون تحت اپوزيشن کي جلسا ڪرڻ کان روڪي پيو ڪورونا وائرس کان ڪير به انڪاري نه آهي پر ڇا ڪورونا جو قانون صرف اپوزيشن وارن جي لاء ڪجھ ڏينهن اڳ جڏنهن ننڪانا صاحب ۾ لکين ياتري گرونانڪ جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاء پهتا هيا لکن جي تعداد ۾ ڇا اتي حڪومت کي ڪورونا کان خوف محسوس نه ٿيو ۽ هن وقت پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ حساس ڪفالت سنيٽرز جي اڳيان هجوم گڏ ٿيل آهي ڇا اتي ڪورونا جو خطرو نه آهي ڪورونا صرف اپوزيشن جي جلسن جي انتظار۾ ڇو آهي هاڻي عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻائي سگھو عوام اوهان جهڙن نااهلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاء پي ڊي ايم سان گڏ بيٺل آهي ان جي ڪري اوهان جي حد کان وڌيڪ ڪورونا جي لابنگ ۽ ٽي وي پروگرامز باوجود پاڪستان جو عوام هن وقت ڪورونا کان ڊڄڻ بجاء اپوزيشن جي جلسن ۾ لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿي اوهان مان نجات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو