12 مئي جا شهيد اڄ به انصاف لاءِ پُڪارين ٿا

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

دنيا جو ڪيترو به اذيتناڪ درد ڇو نه هجي، اِهو انسان برداشت ڪري سگهي ٿو پر وڇوڙي وارو درد جيڪو ڪنهن عزيز قريب کي ٻئي کان هميشه لاءِ الڳ ڪري ٿو ڇڏي، سو ڪڏهن به دل مان نٿو نڪري ۽ هميشه هميشه دل ۽ دماغ ۾ سانڍيل رهي ٿو، چيو ويندو آهي ته مئل ماڻهو پٺيان ڪير به ڪونه ٿو مري، ها اها ڳالهه ته درست ضرور آهي ته ڪنهن به مئل انسان پٺيان ڪيترو به قريبي رشتو ڇو نه هجي، سو واقعي ئي ڪير ڪونه ٿو مري پر حقيقي معنيٰ ۾ اڄ به اهي رشتا قائم ۽ دائم آهن، جيڪي پنهنجن پيارن پٺيان مري ته واقعي ڪو نٿا وڃن پر هن دنيا ۾ ڄڻ ته زنده لاش بڻجي وڃن ٿا. اهڙن ڪهڙن واقعن جو مثال ڏيان، اڄ به هي معاشرو اهڙن مثالن سان ڀريل آهي. وقت جنهن تيزي سان گذري رهيو آهي، تنهن دوران سال گذرندي ته دير ئي ڪونه ٿي لڳي، اڄ وري 12 مئي آهي، هي انهن جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، جيڪي اڄ تائين وسري ناهن سگهيا، اڄ به 12 مئي 2007ع وارو واقعو ڄڻ ته اسان لاءِ پنهنجن عزيزن ۽ قريبن جيئان آهي، جنهن ۾ اسان جا ڪيئي وڪيل ساٿي ڪراچي ۾ دهشتگردن جي هٿان گوليون هڻي ۽ باهيون ڏئي ساڙي شهيد ڪيا ويا. جڏهن به 12 مئي جي صبح ٿئي ٿي ته منهنجو من اُڌما کائي اُٿندو آهي ته آخر ڪهڙي سببان ڪراچي جي روڊن تي قانون جي مهذب پيشي سان واڳيل وڪيلن کي ائين بيدردي سان ماريو ويو، اهو واقعو هڪ آمر پرويز مشرف هٿان هٽايل ملڪ جي چيف جسٽس جي بحالي لاءِ هٿين خالي وڪيلن سان ان وقت پيش آيو آهي، جڏهن هو پنهنجو آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا ته ڪراچي ۾ دهشت جي علامت بڻيل درندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري بيگناهن وڪيلن کي ابدي ننڊ سمهاريو. معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جيڪو پنهنجي بحالي لاءِ اسلام آباد کان سنڌ جي دوري خصوصي ڪراچي بار کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتل هو، جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود هو ته ان وقت جي بزدل حڪمرانن ۽ انتظاميا کيس ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪرڻ ئي ڪونه ڏنو، تنهن دوران سڄي سنڌ مان وڪيلن ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن جا قافلا سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پهتل هئا ۽ چيف جسٽس جي بحالي لاءِ پوري ڪراچي پرزور نعرن سان گونجي اُٿي هئي، يقينن تنهن وقت جي حڪمرانن کي اها خبر نه هئي ته ڇا ڪراچي افتخار محمد چوڌري جي بحالي لاءِ ائين گونجي اُٿندي. حالانڪه انهي وقت ملڪ جي چئني صوبن ۾ ججن جي بحالي جي حوالي سان هڪ متحرڪ تحريڪ هلي رهي هئي، پر وقت جي حڪمرانن جون وايون ان وقت بتال ٿي ويون، جڏهن سنڌ جا جوڌا جوان وڪيل سر ڪفن سان ٻڌي ميدان تي نڪتا هئا ته حڪمرانن اهو ئي سوچيو ته اڄ جيڪا سنڌ جي وڪيلن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي کي هرطرف کان بلاڪ ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن هن تحريڪ سان واڳيل قانوندان پوري ملڪ ۾ نڪري پيا ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، تنهن ڪري انهن ان وقت شرم جا سڀ ليڪا لتاڙي هٿين خالي وڪيلن تي گوليون وسايون، جنهن ۾ ڪيترائي وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن به شهيد ٿي ويا. بهرحال، وڪيلن جي ان تحريڪ هڪ ڏينهن رنگ لاتو ۽ هٽايل چيف جسٽس ۽ ٻيا معزول ڪيل جج صاحبان بحال ته ٿي ويا پر اڄ سوڌو انهي تحريڪ ۾ قرباني ڏيندڙ وڪيلن ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جي خون ۾ ملوث دهشتگردن کي پڪڙيو ناهي ويو.12 مئي جو واقعو ٿيڻ کانپوءِ هر زبان ۽ دماغ اندر اِها سوچ هئي ته خبر ناهي ته افتخار چوڌري جي بحالي کانپوءِ سندن شهيدن جي خون سان ڪهڙو تاريخي انصاف ٿيندو پر وقت پنهنجي روان دوان سان جاري رهيو، افتخار چوڌري وڪيلن جي قربانين کانپوءِ تحريڪ بعد بحال به ٿي ويو ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿيو پر واقعي وقت جيڪي اُڀريل خيالات هُئا سي اڄ سوڌو عدالتن اندر موجود آهن، حالانڪه ڪراچي اندر ٿيل اُهو واقعو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي ته اهڙي واقعي ۾ ڪهڙا چهرا ملوث هئا پر جنهن وقت انهي هٽايل چيف جسٽس جي پٺيان هيڏي وڏي قرباني ڏني وئي تنهن جي بحالي کانپوءِ به ڪجهه ڪونه ٿيو، سواءِ رپورٽن جمع ڪرائڻ جي، باقي اڳتي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر آهي ته 12 مئي واقعي ۾ ڪهڙا دهشتگرد ملوث هئا ۽ انهن جي ڪير پٺڀرائي ڪري رهيو هو. آمر هٿان هٽايل جج صاحبان بحال به ٿي ويا، پر 12 مئي جي واقعي جي جاچ لاءِ رڳو ڪميشنون ٺهيون ۽ اڄ تائين متاثرن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. رڳو ايترو ئي نه پر وڪيلن سان اڄ به طرحين طرحين جا چئلينجز آڏو آهن.12 مئي جي سانحي کي ياد ڪندي منهنجي اکين اڳيان سکر ڄائي هڪ بي باڪ وڪيل سيد علي حيدر شاهه توڙي جو حيدرآباد بار جي شهباز کوسو جو خون به اکين اڳيان تري اچي ٿو. انهن ساٿي دوستن جي خون سان به اڄ تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي. خبر ناهي ته اسان جي سنڌ سميت پوري ملڪ جا وڪيل انهن شهيد دوستن کي اڄ 12 مئي تي ياد به ڪندا الائي نه، مٿان عيد به لڳي پئي آهي، سوچڻ جو مقام آهي ته انهن شهيد وڪلين جا پونئير، ٻار ۽ گهرڀاتي ڪيئن عيد گذاريندا!؟ افسوس ته اسين انهن مائرن، بيواهن، نياڻين ۽ يتمين جي سار نه سگهي سگهياسين، جيڪي پنهنجا پيارا وڃائڻ بعد اڄ به صدمي ۾ گهيريل آهن! خاص ڪري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي اندر جتي ڪراچي بار هڪ وڏي سگهاري طاقت رکي ٿي ۽ منظم بار طور ان کي ليکيو ويندو آهي ته اُتي وڪيلن جي به يقينن گهڻائي آهي، مختلف نالن سان وڏيون وڏيون فرمز ۽ پئنل موجود آهن ۽ مختلف سياسي طاقتن سان وابسته به آهن پر خبر ناهي ته ڪراچي جي وڪيلن 12 مئي جي شهيدن جي پونيئرن جي سار لهڻ جي حوالي سان ڇو تحرڪ ناهي ورتو. اسين وڪيل دنيا جي ماڻهن جا ڪيس وڙهڻ لاءِ هر جتن ڪريون ٿا پر افسوس ته اڄ اسان جي انهن شهيد وڪيل ڀائرن جيڪي انهي تحريڪ دؤران شهيد ٿيا اڄ سوڌو انهن جا روح اسان کان انصاف جي گُهر ڪن ٿا ۽ شهيدن جا وارث به اڄ سوال ڪري رهياآهن ته اسانجي وڇڙي ويل شهيدن جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو ۽ انهي 12مئي جي شهيدن جا وارث اڄ اهو به سوال ڪري رهيا آهن ته عدليا جي بحالي لاءِ شهادت جو جام پيئندڙ اسانجي پيارن جي خون سان ڪڏهن ته انصاف ٿيندو، جن کي ڪراچي جي روڊن تي رت سان وهنجاريو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو