12 ربيع الاول جشن ولادت عيدن جي به عيد آهي

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

حضور نبي پاڪ صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جي ولادت باسعادت جو مهينو ربيع الاول جنهن کي عاشق “ ربيع النور ” به سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هن ماهه مبارڪ ۾ انهيءَ دنيا جهان جي عظيم هستيءَ جي پيدائش ( ولادت باسعادت) 12 ربيع الاول تي ٿي جنهن پوري دنيا کي ڪفر شرڪ جي نحوست کان هميشه جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏياريو، انهيءَ مبارڪ ۽ مهربان عظيم هستيءَ نياڻين جي پيدائش کي ڏوهه جرم نه پر دنيا جي کليل حقيقت طور سامهون پيش ڪيو ۽ عورتن کي مردن جيان حق ڏيارڻ لاءِ زندگيءَ جو عملي نمونو قيام عمل ۾ آڻي جاهلت جي انڌيري کي ختم ڪرڻ جي بي مثال پلان ۽ رٿابنديءَ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو، اها عظيم ۽ مبارڪ هستي جنهن جو آسمان ۾ “ احمد ” ۽ زمين تي “ محمد ” صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جي نالي سان ذڪر اعظم وڏي خوشيءَ ۽ چاهه سان عبادت ۽ ذڪر خير طور کنيو وڃي ٿو، ربيع الاول ( ربيع النور ) جي هن مبارڪ ڏينهن ۽ راتين ۾ هر طرف عشاقان رسول  صلي الله عليه وسلم پاران پنهنجن گهرن ۾ برڪتون رحمتون آڻڻ لاءِ  ذڪر و نعت جو سلسلو جاري رکن ٿا، پوري عالم جي عاشقان رسول  صلي الله عليه وسلم جون عيد جهڙيون مبارڪ راتون خوشين شادمانن سان گذرن ٿيون هر طرف خوشين جو ماحول برپا رهي ٿو، شهرن، بازارن، علائقن، گهٽين، محلن، پاڙن ۾ ساوا ساوا سبز سبز جهنڊا پرچم لڳايا وڃن ٿا ۽ عاشقان رسول ائين ئي وري ٽيوب لائيٽون بلب لڳائي خوب کان خوب تر ۽ خوبصورت انداز۾ چراغان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مسجدين، مدرسن، گهٽين، علائقن روڊن رستن تي مرحبائي قدآور بئنر پينا فليڪس درود و سلام ۾ “ الصلوات والسلام عليڪ يارسول الله ” سرڪار جي آمد مرحبا، حضور جي آمد مرحبا، مدني جي آمد مرحبا، آقا جي آمد مرحبا جهڙا مبارڪ ۽ متبرڪ لفظ دل و جان کي وڻڻ لڳند آهن. جشن آمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جا ڏهاڙا ڇا ته ايندا آهن هر طرف باغ بهار جهڙي موسم اچي ويندي آهي، نگر نگر،  گلي گلي، شهر شهر ۽ ملڪان ملڪ مسڪراهٽن خوشين سان مالا مال مهينو اچي ويندو آهي، اهڙي مهيني ۾ عبادات جو ذوق و شوق وڌيڪ وڌي ويندو آهي مسجديون آباد ٿي وينديون آهن ۽ براين جا اڏا تباهه و برباد ٿي ويندا آهن، عاشقان رسول جون مرڪون خوشيون وڌي وينديون ۽ شيطان منهن مٿون پٽيندو آهي ۽ هروڀرو جي واويلا ڪندي ٿڪجي پوندو آهي. انهيءَ تي هڪ عاشق رسول شاعر فرمايو آهي ته ؛ نثار تيري چهل پهل پر هزارون عيدين ربيع الاول ، سوائي ابليس ڪي جهان مين سبهي تو خوشيان منا رهي هين. دنيا جهان جي تمام تر خوشين جو سبب آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت باسعادت آهن، مٺڙي پياري لجپال آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت مبارڪ جي اچڻ سان عيد الفطر، عيد الاضحيٰ، شب معراج ۽ شب قدر جهڙيون خوشيون مليون آهن. اڳ ۾ ماڻهن جون شڪلون تبديل ٿي وينديون هيون پر محسن مهربان آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت مبارڪ سان ماڻهن کي ماڻپو مليو ۽ شڪلون تبديل نه ٿيڻ لڳيون نه ته گناهن جي نحوست ۽ براين جي وبال سبب ماڻهو ڀولا ۽ باندر ٿي ويندا هيا. سڀني ڳالهين سان گڏ انهيءَ ڳالهه تي به خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ته دنيا جهان جي سمورن محققن، اسڪالرن، دانشورن، ڏاهن ، اديبن دنيا جي وجود کان ويندي هن وقت تائين سڀني ناليوارين عظيم شخصيتن جي حيات زندگي پڙهي ۽ انهن تي تحقيق ريسرچ ڪئي پر آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شخصيت سڀني کان عظيم کان عظيم تر ۽ بلند شان مان مرتبي واري قرار ڏني وئي آهي، جڏهن نور ڀري سرڪار صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪه پڙهجي ٿي ته معجزات سان ڀرپور آهي، وک وک تي ٻنهي جهانن جي سردار مڪي مدني لجپال حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جا معجزات پاڪ موجود آهن. رستي تان هلن ٿا ته اس جي جڳهه تي ڇانو جو ٿيڻ، جتان وڃن ٿا اتي عطر عنبر معطر خوشبوءِ، جبل پهاڙن جي سخت پٿرن جو نرم ٿيڻ، 313 عشاقان رسول جو هزارين ڪفار کي شڪست ملڻ، هڪ عام ٿانو مان 70 غلامن کي کير سان سيراب ڪرڻ، ڪوهه ۾ لعاب مبارڪ جي برڪت سان ڪڙو پاڻي مٺو ٿيڻ، سخت اونداهيءَ رات ۾ هڪ لٺ مان روشنيءَ جون لائيٽون روشن ٿيڻ ۽ غلامن جو پنهنجن جاين ڏانهن روانو ٿيڻ، سندن مٿان قرآن پاڪ جو نازل ٿيڻ اهڙي طرح بيشمار معجزات سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جا آهن پر وڏي ۾ وڏي ڳالهه ته الله رب العالمين جو ديدار ملاقات وارو اعزاز ۽ شرف خصوصي ڪرم نوازي ۽ عنايت خاص آهن. ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ مبارڪ متبرڪ عظيم هستيءَ حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪه پوري مخلوق خدا لاءِ هڪ مشعل راهه مثل آهي. نور سان ڀرپور هستيءَ جي جشنِ عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم ملهائڻ جا تمام گهڻا فضائل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عالم دين رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته “ مونکي خواب ۾ تاجدار رسالت صلي الله عليه وسلم جي زيارت نصيب ٿي، مان عرض ڪيو ته آقا يارسول الله ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جو ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند آهي ”، مهربان آقا ڪريم فرمايو “ جيڪي اسان کان خوش ٿيندا آهن اسان  به انهن کان خوش ٿيندا آهيون ”،  مدينه منوره  ۾ هڪ ابراهيم نالي شخص رهندو هيو جيڪو  آقا ڪريم  صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جو ديوانو مست هيو، هميشه حلال روزي ڪمائيندو هيو ۽ پنهنجي آمدنيءَ جو اڌ حصو جشن ولادت مبارڪ ملهائڻ لاءِ جدا ڪري رکندو هيو، ربيع الاول مهيني جي آمد  ٿيندي هئي ته هو وڏي شوق ۽ ڌام ڌوم سان هي ڏهاڙا ذڪر الله عزوجل ۽ ذڪر رسول الله صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جون محلفون ڪرائيندو هو، خوب لنگر شريف ورهائيندو هو، اهڙي طرح ئي هن سچي پڪي عاشق رسول جي گهر واري به محبوب ڪريم صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جي مٿان قربان وڃڻ واري عورت هئي. جيڪا پنهنجي گهر واري سان جشن آمد رسول جي پروگرامن ۾ ڀرپور تعاون ڪندي هئي. عاشق رسول ابراهيم جي گهر واري وفات ڪري وئي پر سندس جي معمول ۾ ڪو به فرق نه آيو، ابراهيم هڪ ڏينهن پنهنجي نوجوان پٽ کي وصيت ڪئي ته ؛ پٽ اڄ رات مان هن جهان مان هميشه جي لاءِ هليو ويندس” منهنجي جمع ٿيل رقم دولت پنجاهه درهم ۽ 19 گز ڪپڙو هي. ڪپڙو ڪفن دفن ۾ ڪم آڻجان ۽ ٿي سگهي ته رقم به نيڪ ڪمن ۾ خرچ ڪجانءِ، انهيءَ کان پوءِ انهيءَ ڪلمو طيب پڙهيو ۽ وفات ڪري ويو، پٽ وصيت مطابق والد محترم کي دفن ڪيو، هاڻي پنجاهه درهم نيڪ ڪم خرچ ڪرڻ جي معاملي ۾ انهيءَ کي ڪجهه سمجهه نه پئي آيو ته ڇا ڪريان، انهي فڪر ۾ رات جو جڏهن آرامي ٿيو ته خواب ۾ ڏسي ٿو ته قيامت قائم ٿي وئي آهي ۽ هر طرف نفسا نفسيءَ جو عالم برپا لڳو پيو آهي، خوشنصيب ماڻهو جنت طرف روان دوان آهن، جڏهن ته  گنهگارن کي گهلي جهنم جي طرف ڦٽو ڪيو ٿو وڃي ۽ مان پريشانيءَ جي ڪيفيت ۾ بيهي هيءُ خوف ناڪ منظر ڏسان ٿو ته منهنجي باري ۾ الائي ڪهڙو فيصلو ايندو ايتري ۾ غيب غيب کان آواز آيو ته ؛ “ هن نوجوان کي جنت ۾ وڃڻ ڏيو ”  مان خوشي سان جنت ۾ داخل ٿي وڃان ٿو ۽ سير ڪرڻ لڳان ٿو. ستن جنتن جو سير ڪرڻ بعد جڏهن اٺين جنت جو سير ڪرڻ لاءِ اڳتي وڃان ٿو ته داروغه جنت حضرت رضوان  عليه السلام فرمايو هن جنت ۾ صرف اهي داخل ٿي سگهندا جن ماهه ربيع الاول  ۾ ولادت مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ڏهاڙن ۾ خوشيون ملهايون آهن”هيءُ ٻڌي سوچڻ لڳس ته منهنجا والدين مرحومين انهيءَ ۾ هجڻ گهرجن، ايتري ۾ آواز آيو ته “ هن نوجوان کي اندر اچڻ ڏيو ” انهيءَ جا والدين انهي سان ملڻ چاهين ٿا، ائين هو اندر داخل ٿي ويو، انهيءَ ڏٺو ته نهيءَ جي والده نهر ڪوثر جي قريب ويٺي آهي، گڏ ئي هڪ تخت وڇايل آهي جنهن تي هڪ بزرگ خاتون جلوهه افروز آهي ۽  انهي جي ٻنهي پاسن کان ڪرسيون رکيل آهن جن تي ڪجهه پروقار عورتون تشريف فرماا آهن، هن هڪ فرشتي کان پڇا ڪئي ته هيءُ پاڪيزه خاتون ڪير آهن ” ، جنهن تي ٻڌايو ويو ته  ؛ تخت تي شهزادي ڪونين حضرت بي بي فاطمه زهريٰ رضي لله تعاليٰ عنها آهن ۽ ڪرسين تي بي بي خديجه الڪبريٰ، بي بي عائشه صديقه ، بي بي آسيه، بي بي سارهه ، بي بي حاجرهه، بي بي رابعه ۽ بي بي زبيده رضي الله تعاليٰ عنها آهن. هن کي ڏاڍي خوشي ٿي،  اڃان اڳتي وڌيو ته ڇا ٿو ڏسي ته هڪ وڏو عاليشان تخت وڇايل آهي ۽ انهيءَ تي مڪي مدني مصطفيٰ صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم پنهنجي چنڊ کان خوبصورت چهري سان ويٺل آهن، ٻنهي پاسن کان ڪرسيون وڇايل آهن انهن تي خلفاءِ راشدين عليهم الرضوان تشريف فرما آهن.سڌي پاسي کان سون جون ڪرسيون وڇايل آهن انهن تي انبياءِ ڪرام عليهم السلام تشريف فرما آهن ۽ کٻي پاسي کان شهداءِ ڪرام ويٺل آهن ، ايتري ۾ منهنجو والد ابراهيم به الله پاڪ جي آخري نبي حضور پاڪ صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جي ويجهو هجوم ۾ نظر اچڻ لڳو،  والد صاحب مون کي سيني سان لڳايو ۽ وڏو خوش هيو. مان بابا سائين جي خدمت ۾ عرض رکيو ته ؛ هيءُ عاليشان رتبو توهان کي ڪيئن حاصل ٿيو؟، جواب مليو ته الحمدلله ! هيءُ جشن ولادت ملهائڻ جو بدلو آهي. انهي کان پوءِ نوجوان جي اک کلي وئي ۽ خواب مان بيدار ٿي ويو، صبح ٿيندي ئي انهي پنهنجو گهر وڪرو ڪري پنهنجي والد جي بچايل ڇڏيل رقم پنجاهه درهم ۽ پنهنجي سموري رقم ملائي جشن ولادت مبارڪ ملهائڻ لاءِ کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪري علماءِ ڪرام کي دعوت ڏني. انهي جي دل دنيا جي رنگينن کان پري ٿيڻ لڳي ۽ باقي بچيل 30 سال اهڙي طرح فقيريءَ ۾ گذاري ڇڏيا، وفات بعد انهيءَ کي خواب ۾ ڪنهن ڏٺو ۽ پڇا ڪئي ته ڪيئن گذري؟ انهي جواب ۾ چيو ته مون کي جشن ولادت ملهائڻ جي برڪت سان جنت ۾ پنهنجي والد محترم وٽ پهچايو ويو. الله رب العزت جي انهي تي رحمت هجي ۽ انهي جي صدقي ۾ اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي. بخش دي مجهه ڪو الاهي بهر ميلاد النبي ، نامه اعمال عصيان سي ميرا ڀرپور هي. اهڙي طرح ئي جشن عيد ميلاد النبي ملهائڻ وارن کي وڏيون خوش خبريون نصيب ٿين ٿيون ۽ الله پاڪ جو رضامندو ۽ خوشنودي حاصل ٿئي ٿي. عيد ميلاد النبي هي دل بڙا مسرور هي، هر طرف هي شادماني رنج و غم دور هي، هر ملڪ هي شادمان خوش آج هر ايک حور هي، هان مگر شيطان مع رفقاءَ بڙا رنجور هي. ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا لوهه و قلم تيري هين.جيڪڏهن توهان بارگاهه رسالت صلي الله عليه وسلم ۾ مقرب ٿيڻ چاهيون ٿا ته پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي اطاعت، سنتن تي عمل ۽ درود شريف جي ڪثرت ڪريو ان شاءَ الله انهي جي برڪتن سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو قرب خاص حاصل ٿي ويندو.   

                         ساري جڳ ۾ جانب لاءِ جنسار ٿي ويا،

                   محمد  صلي الله عليه وسلم اچي ويو ٻيڙا پار ٿي ويا.

يا رسول الله نظر حالنا، يا حبيب الله اسمع قالنا، انني في بحر هم مغرق، خذيدي سهل لنا اشڪالنا. معنيٰ ؛ اي الله جا رسول اسان جي حال تي توجهه فرمايو، اي الله جا حبيب اسان جو عرضڙو ٻڌو، بيشڪ مان پريشانين جي سمنڊ ۾ غرق آهيان،  مون تي نظر ڪرم ڪندي مشڪلاتن کي آسان فرمايو.حضرت سيدنا امام قسطلاني رحمت لله عليه فرمائين ٿا ته ؛ ولادت باسعادت جي ڏهاڙن ۾ محفل ميلاد ڪرڻ وارن ڪمن ۾ خاص ۽ مجرب يعني تجربه شده ڳالهه آهي ته انهيءَ سال امن و امان رهندو آهي ۽ هر مراد پوري ۽ خوش خبريون ملنديون آهن، الله رب العزت انهيءَ شخص تي رحمت نازل فرمائي جنهن ماهه ربيع الاول جي مبارڪ راتين کي عيد جيان خوشيون ڪري ملهايو. بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر.

                        مديني جا شاهه، سڻ منهنجا سڏڙا،

                      ڪارڻ لڳ الله ، سگهو رسج سپرين،

                       مديني جا ماهه، سڻ منهنجا سڏڙا،

                  ٻيو نه وسيلو واهه، آهيان تنهنجي آسري،

                    مديني جا شير، سڻ منهنجا سڏڙا،

                  ڀر مبارڪ پير، عاصي تنهنجي آسري،

                  مديني جا ڄام ، سڻ منهنجا سڏڙا،

                آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سير ۾،

                مديني جا گهوٽ ، سڻ منهنجا سڏڙا،

              ڪج محمد موٽ، عاصي تنهنجي آسري،

               مديني جا مير ، سڻ منهنجا سڏڙا،

             سرڻ تنهنجي سير، تون پارلنگهائيين پيڙا،

               مديني جا ڌڻي، سڻ منهنجا سڏڙا،

            تنهنجي آهه تڻي ، ٻي ڪنڌي ساريان ڪا نڪا.

                                                          ( شاهه لطيف )  

پهنجو تبصرو موڪليو