10 ڪلاڪ بيٽنگ ۽ 251 رنسون وليمسن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

نيوزيلينڊ(ويب ڊيسڪ)  نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 251 رنسن جي اننگ کيڏندي ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پر ويسٽ انڊيز هن وقت نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست جي ڪناري تي آهي هيملٽن ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ 519 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي  پر ٻي اننگز ۾ ويسٽ انڊيز کي ٽئين ڏينهن مصيبت ۾ وڌو ويو ۽ ڏينهن جي آخر ۾ 6  وڪيٽن جي نقصان تي  196  رنسون ٺاهيون .نيوزيلينڊ جي ڪپتان پهرين اننگز ۾ ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪيا.ڪين وليمسن 251 رنسن جي اننگز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن 2015 ۾ سري لنڪا جي خلاف 242 جي اننگز کيڏي هئي. اها سندس ٽين ٻٽي سينچري هئي.ڪين وليمسن نيوزيلينڊ جو نرن اهڙن بيٽنگ ڪندڙ ۾ شامل آهي جن250 رنسن جي اننگز کيڏي آهي  ان کان پهريان اسٽيفن فليمنگ 2 ڀيرا 250 کان وڌيڪ رنس ڏئي ٺاهي چڪو آهي .ڪين وليم سن هملٽن جي سڊني پارڪ ۾ آخري 10 اننگز ۾ 144.14 جو اوسط سان رنسون ٺاهيون آهن. انهي دوران هن 108 جي ناٽ آئوٽ ، 176 ، 200 ناٽ آئوٽ ۽ 251 رنسن جي اننگ کيڏي آهي . اهو ٻيو ڀيرو هو جڏهن ڪين وليمسن 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ بيٽنگ ڪئي هئي. وليمسن اننگز دوران 624 منٽن تائين بيٽنگ ڪئي. ان کان پهريان هن سري لنڪا خلاف 623 منٽ لاءِ بيٽنگ ڪئي. انهي دوران هن 242 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو