10 سالن جي نياڻي جي شادي، والدين گرفتار، مولوي فرار

دادو(ادل مهيسر) 10 سالا ٻارڙي جي 12 سالا نينگر سان شادي، پوليس جو ڇاپو، گهوٽ ڪنوار جا والدين گرفتار، مولوي فرار ٿي ويو. وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ ننڍي عمر جي شادي واري اطلاع تي ڇاپو هنيو،4 ڪلاس جي شاگردياڻي فهميده ملڪ جي شادي 12 سالا علي حيدر سان ڪرائي پئي وئي. فهميده جي شادي جي شڪايت سندس امڙ حسنا ڪئي آهي، ٻارڙي فهميده جي والد جبل ملڪ سندس ڀاءُ عبدالغفار ملڪ، نينگر علي حيدر جو والد مينهون ملڪ کي گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ٻارڙي جي والد، ڀاءُ ۽ نينگر جي والد مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس ايڇ او اي سيڪشن نور مصطفيٰ پٺاڻ ميڊيا کي ٻدايو ته جانچ جاري آھي نينگري جي ماء ٻڌايو ته ڌي جو نڪاح زوري 2 لک عيوض ڪرايو پئي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو